اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ جي پهرين نيشنل يوٿ پاليسي جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن تحت سموري ليبر فورس ۾ عورتن لاءِ 35 سيڪڙو ڪوٽا لازمي هوندو، جڏهن ته نوجوانن کي اسٽارٽ اپس لاءِ پڻ مدد فراهم ڪئي ويندي.
پهرين نيشنل يوٿ پاليسي جو اعلان وزيراعظم نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب دوران ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هن ملڪ ۾ لکين ذهين نوجوان موجود آهن، جن کي تعليم ڏني وڃي ته اهي ٻين کي پوئتي ڇڏي سگهن ٿا، پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته اميرن جي ٻارن لاءِ دنيا جي تعليمي ادارن ۾ اعليٰ تعليم جا موقعا موجود آهن، جڏهن ته غريب والدين پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جي شديد خواهش رکن ٿا، پر انهن وٽ وسيلن جي کوٽ آهي.
هن چيو ته ايچيسن ڪاليج ۾ غريب جو ٻار قدم به نٿو رکي سگهي، ان ڪري ايچيسن ڪاليج جي مقابلي ۾ دانش اسڪول قائم ڪيا ويا.
دانش اسڪولن جو معيار ايچيسن ڪاليج کان گهٽ نه هوندو.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته ان تضاد سبب اسان تعليم جي ميدان ۾ پوئتي رهجي ويا آهيون، معاشري ۾ برابر موقعا موجود هجڻ گهرجن. جيڪڏهن امير ۽ غريب جي ٻارن کي برابر تعليم نه ملندي ته پوءِ اهو قائداعظم جو پاڪستان نه هوندو.
هن چيو ته پنجاب ۾ دانش اسڪولن جو ڄار وڇايو ويو آهي، هاڻي گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ به دانش اسڪول قائم ٿي رهيا آهن، جتي مفت تعليم فراهم ڪئي ويندي ۽ معيار ايچيسن ڪاليج کان گهٽ نه هوندو.
شهباز شريف چيو ته هو اعلان ڪرڻ چاهي ٿو ته بجيٽ ۾ تعليم لاءِ خاطرخواهه رقم رکي وئي آهي، گذريل سال سڄي پاڪستان مان شاگردن کي ميرٽ تي سرڪاري خرچ تي چين موڪليو ويو، ته جيئن اهي زراعت جي جديد تعليم حاصل ڪري سگهن.
هن چيو ته هاڻي هڪ هزار ٻارن کي سرڪاري خرچ تي آءِ ٽي ۽ اي آءِ جي تعليم لاءِ چين موڪليو ويندو.
وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي ايندڙ سال قائم ڪئي ويندي ۽ ايندڙ سال ئي اتي ڪلاسز پڻ شروع ٿي ويندا.
هن چيو ته يونيورسٽي ۾ ٽيڪنيڪل تعليم فراهم ڪئي ويندي ۽ جديد ۽ فني علمن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو، اتي به ميرٽ تي داخلا ٿيندي، اميدوار وٽ پئسا هجن يا نه هجن، کيس بهترين تعليم فراهم ڪئي ويندي.
وزيراعظم چيو ته هينئر تائين 7 لک ٻارن ۾ ميرٽ تي ليپ ٽاپ ورهايا ويا آهن ۽ هڪ به ليپ ٽاپ سفارش تي نه ڏنو ويو.
هن اعلان ڪيو ته هن سال سڄي ملڪ جي وڌيڪ اڍائي لک ٻارن کي ڪروم بڪس ڏنا ويندا، جڏهن ته ان ۾ خانگي اسڪولن جي ٻارن کي شامل نه ڪيو ويو آهي.
شهباز شريف چيو ته اسان کي ليپ ٽاپ رشوت طور ڏيڻ جو مهڻو ڏنو ويو، پر ڇا هن ليپ ٽاپ ٻارن کي عزت سان روزگار ڪمائڻ ۽ جديد دنيا ۾ داخل ٿيڻ جو موقعو نه ڏنو؟
هن چيو ته هو ليپ ٽاپ کي مشين نه پر مشن سمجهي ٿو ۽ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندو، 1947ع ۾ پاڪستان اسان جي بزرگن ٺاهيو، پر 2047ع جو پاڪستان نوجوان پنهنجي مرضي سان ٺاهيندا.
وزيراعظم پهرين نيشنل يوٿ پاليسي جو اعلان ڪندي چيو ته سموري ليبر فورس ۾ عورتن لاءِ 35 سيڪڙو ڪوٽا لازمي هوندو.
هن چيو ته نوجوانن لاءِ رڳو نوڪرين بدران پنهنجو آسان ڪاروبار شروع ڪرڻ لاءِ اسٽارٽ اپس جي حوالي سان 10 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪري ٿو.
You might also like