اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گذريل ڏينهن گهرو وزير محسن نقوي تهران ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي هئي، جڏهن ته ملاقاتن بابت تفصيل جاري نه ڪيا ويا هئا.
ايراني خابرو اداري ارنا دعويٰ ڪئي آهي ته ملاقاتن دوران محسن نقوي خطي جي موجوده صورتحال بابت وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل جو هڪ خاص ۽ اهم پيغام ايراني قيادت تائين پهچايو.
ارنا موجب، محسن نقوي پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه وچ ۾ ٿيل تازي دفاعي معاهدي بابت پڻ بريفنگ ڏني ۽ ايراني قيادت کي ان حوالي سان اعتماد ۾ ورتو.
واضح رهي ته سومر ڏينهن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي جي گڏيل دفاعي معاهدي بابت ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو هو ته ڳڻتي ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي، ڇو ته هي معاهدو ايران خلاف نه آهي.
You might also like