رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر نگهت جي ملازمت ۾ 3 سالن جي واڌ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وڏي وزير قائم علي شاهه جي نياڻي ڊاڪٽر نگهت شاهه تي سنڌ حڪومت مهربان، رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ ملازمت جي مدي ۾ 3 سالن جي واڌ ڪئي وئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڊاڪٽر نگهت شاهه کي رٽائرمينٽ کان هڪ ڏينهن اڳ جناح سنڌ ميڊيڪل ڪاليج يونيورسٽي ۾ 3 سالن لاءِ پروفيسر مقرر ڪيو ويو.
ڊاڪٽر نگهت شاهه اڄ 12 آگسٽ 2026ع تي 60 سالن جي عمر ۾ رٽائرڊ ٿيڻ واري هئي، جڏهن ته سنڌ ڪابينا طرفان ڊاڪٽر نگهت شاهه جي ملازمت جي مدي ۾ 3 سالن جي واڌ جي منظوري ڏني وئي.

You might also like