سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ قائم بحري اتحاد جي پڌرنامي جا پابند آهيون: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته اسلام آباد، سعودي عرب جي اڳواڻي ۾ قائم بحري اتحاد جو ميمبر آهي ۽ سپلاءِ چينز جي تحفظ ۽ جهاز راني جي سلامتي جي مقصد لاءِ هن اتحاد جي پڌرنامي جو پابند آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڳاڙهي سمنڊ ۾ هڪ واپاري جهاز تي حملي جي مذمت ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي پاڪستاني شهري شهيد ٿي ويا آهن.
هن چيو ته پاڪستان عالمي قانونن جي بنياد تي بين الاقوامي سامونڊي لنگهن ۾ جهاز راني جي آزادي ۽ بحري سلامتي جي حمايت ڪري ٿو.
طاهر اندرابي وڌيڪ چيو ته پاڪستان سعودي عرب طرفان اعلانيل بحري اتحاد جو ميمبر آهي ۽ ان جي صحي ڪندڙن ۾ شامل آهي.
ياد رهي ته سعودي عرب 30 جولاءِ تي بين الاقوامي جهاز راني ۽ ڳاڙهي سمنڊ واري خطي ۾ توانائي جي ترسيل جي رستن جي تحفظ جي مقصد سان هڪ گهڻ قومي بحري دفاعي اتحاد قائم ڪرڻ جي پنهنجي منصوبي جو اعلان ڪيو هو.

You might also like