اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ۽ حملو ڪندڙ جي مارجڻ تي تبصرو ڪندي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري چيو آهي ته ان واقعي مان اشارو ملي ٿو ته 27 سيپٽمبر تي ڪهڙي راند کيڏي ويندي.
واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جيل ۾ قيد پارٽي اڳواڻ عمران خان سان ملاقات لاءِ 27 سيپٽمبر تي لانگ مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گذريل ڏينهن، راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب، مال روڊ تي هڪ شخص پسٽل سان سيڪيورٽي فورسز جي گشت ڪندڙ ٽيم تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو، جڏهن ته جوابي فائرنگ ۾ حملو ڪندڙ مارجي ويو.
سڌ سماءَ واري وزير عطا الله تارڙ الزام لڳايو هو ته فائرنگ ڪندڙ شخص پي ٽي آءِ جو ڪارڪن هو، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو چوڻ آهي ته فائرنگ ۾ ملوث شخص پارٽي جو ڪارڪن رهيو هوندو، ان باوجود هن واقعي کي پارٽي سان نه جوڙيو وڃي.
اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مملڪتي گهرو وزير طلال چوڌري جو چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي قيادت اهو چئي ذميواري کان بچي نٿي سگهي ته ان جو هن ڪارڪن سان ڪو تعلق ناهي.
طلال چوڌري جو چوڻ هو ته تفصيل ان ڪري سامهون نه پيا آندا وڃن ته جيئن ڪيس جي جاچ متاثر نه ٿئي.
سندس چوڻ هو ته جڏهن عدالت ۾ ثبوت پيش ڪنداسين ته توهان جون اکيون کلي وينديون.
گهرو وزير الزام لڳايو ته فائرنگ ۾ ملوث ڪارڪن اسلام آباد ۾ موجود خيبر پختونخوا هائوس ۾ رهندو هو ۽ تحريڪ انصاف جي قيادت سان ملاقاتون ڪندو رهيو.
طلال چوڌري موجب، ان واقعي ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت سان گڏ اُهي يوٽيوبر ۽ جڙتو بيانيو گهڙيندڙ به شامل آهن، جيڪي ملڪ کان ٻاهر ويٺا آهن، جن جو مقصد رڳو ويوز حاصل ڪرڻ، پئسا ڪمائڻ ۽ نوجوانن جي ذهنن ۾ باهه ڀڙڪائڻ آهي.
You might also like