راولپنڊي ۾ فورسز تي فائرنگ،جوابي ڪارروائي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن مارجي ويو

راولپنڊي / اسلام آباد: راولپنڊي پوليس جي ترجمان موجب گذريل ڏينهن جو سوا 11 بجي مال روڊ راولپنڊي ۾ سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ ڪندڙ دهشتگرد محمد حسين جو تعلق هڪ مخصوص سياسي جماعت سان هو.ترجمان ٻڌايو ته مال روڊ تي دهشتگرد پاران سيڪيورٽي فورسز تي فائرنگ جي نتيجي ۾ پيٽرولنگ ٽيم جو هڪ اهليڪار زخمي ٿي پيو. سيڪيورٽي فورسز بر وقت ڪارروائي ڪندي جوابي فائرنگ ۾ حملي آور کي موقعي تي ئي ماري ڇڏيو. هلاڪ ٿيل دهشتگرد جي قبضي مان ملندڙ موبائل فون ۽ ٻئي سامان مان وڌيڪ ثبوت سامھون آيا آهن، جن مان معلوم ٿيو ته دهشتگرد محمد حسين جو تعلق هڪ مخصوص سياسي جماعت سان هو.ٻئي طرف وفاقي اطلاعات واري وزير عطا الله تارڙ راولپنڊي جي مال روڊ تي سيڪيورٽي اهليڪار تي ڏينهن ڏٺي  فائرنگ واري واقعي ۾ پي ٽي آءِ کي ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آهي.وفاقي وزير چيو ته مال روڊ واري واقعي مان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامھون اچي ويون آهن.پي ٽي آءِ جا ماڻهو احتجاجن ۾ هٿيارن سان سٿجي ايندا آهن.پي ٽي آءِ هميشه تشدد جي سياست ڪئي آهي ۽ سندن هر احتجاج جو مقصد ملڪ ۾ انارڪي پکيڙڻ هوندو آهي.پاڪستان جي ترقي پي ٽي آءِ کان برداشت ناهي ٿي رهي.هوڏانهن پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري سلمان اڪرم راجا عطا تارڙ جي الزامن جي سخطيءَ سان ترديد ڪندي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جو ڪڏهن به ڪنهن دهشتگردي سان ڪو تعلق ناهي رهيو.سلمان اڪرم راجا واضح ڪيو ته:راولپنڊي ۾ مارجي ويل شخص ڪهڙي گروهه سان هو ۽ سندس ڇا عمل هو، اسان ان بابت نٿا ڄاڻون. پي ٽي آءِ هڪ پرامن جماعت آهي ۽ دهشتگردي جي سخت خلاف آهي. اسان ڪنهن به پرتشدد ڪارروائي جو حصو ناهيون ۽ آئين توڙي قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجي جدوجهد جاري رکيون اچون

You might also like