ملڪ ۾ انصاف” لاپتا“ عام ماڻهوءَ جو پوليس تي اعتبار ختم ٿي ويو

لاهور(مبشر لقمان)ملڪ ۾ انصاف لاپتا نظر اچي رهيو آهي. ڪراچي جو مير رضا علي ڪيس.لاهور ۾ عبدالله طاهر ڪيس.لاهور جي هڪ ٿاڻي ۾ نياڻيءَ سان زيادتي جو معاملو.لاهور جي ئي ٿاڻي ۾ ٻن عورتن جي پراسرار فوتگي.توهان انھن چئن خبرن تي ٿوري تحقيق ڪريو، تحقيقاتي اڳڀرائي جو جائزو وٺو، مدعين جو ماتم ۽ الزام ٻڌو، يا پوليس پاران پيش ڪيل حقيقتن جو پوسٽ مارٽم ڪريوتوهان به م ان ئي نتيجي تي پهچندا ته پاڪستان ۾ انصاف لاپتا آهي،هن  ملڪ ۾ عورتن لاءِ ٿاڻا به محفوظ ناهن. عام ماڻهوءَ جو پوليس تي ڪو اعتماد ناهي رهيو. توهان ڪنهن چور، ڌاڙيل يا قاتل کان ته انصاف وٺي سگهو ٿا، پر پوليس کان انصاف ملڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. ڪراچي جي مير علي رضا ڪيس کي ڏسو. ڪراچي پوليس پهرين ڏينهن کان ئي ان نوجوان جي فوتگيءَ کي خودڪشي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي. پوسٽ مارٽم ٿيو، پر رپورٽ ۾ ايترا تضاد ۽ خاميون هيون جو خود پوليس سرجن به اعتراض وڌا.اهو نوجوان پنهنجي امڙ کي 10 منٽن ۾ واپس اچڻ جو چئي گھران نڪتو هو، هاڻي سندس ماءُ ڪيئن مڃي ته سندس پٽ پنهنجي جان پاڻ ورتي؟ والدين جڏهن ميت کي غسل ڏنو ته سڄي جسم تي تشدد جا نشان هئا پاسراٽيون، ٻانهن ۽ ڪرنڊيءَ جي هڏي ٻريل هئي، تيزاب سان سڙڻ جا نشان پڻ هئا. مظلوم والد پوليس جي اعليٰ عملدارن کي اهي زخم ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر پوليس کيس اهو چئي خاموش ڪرائي ڇڏيو ته "توهان جو پٽ مالي پريشانين جو شڪار هو”.پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ مير علي رضا جي فوتگيءَ کي قتل قرار نه ڏنو ويو. مقتول جي والد ٻيهر پوسٽ مارٽم جي درخواست ڏني. عدالتي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ ٺاهيو ويو، پر رات جو دير سان خاندان جي مرضيءَ کان سواءِ ان بورڊ کي تبديل ڪيو ويوڪراچي جي ڊاڪٽرن کي ڪڍي حيدرآباد جي 3 ڊاڪٽرن کي شامل ڪيو ويو. والدين پنهنجي پٽ جي قبر تي ڌرڻو هنيو، وڪيل ٻيهر عدالت سان رابطو ڪيو، ميڊيا تي تحريڪ  اٿي،تڏهن وڃي ڳالهه ٺهي.هاڻي سوال اهي آهن  ته اهو تشدد ڪنهن ڪيو؟ قتل ڪٿي ٿيو ۽ قاتل ڪير آهي؟پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر ڪٿي غائب آهن؟ اهي سامهون ڇو نٿا اچن؟کين ڪنهن ڊيڄاريو ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ تبديل ڪرائي؟اهو ڪير آهي جنهن پوليس کي مجبور ڪيو ته هو هڪ قتل کي خودڪشي ثابت ڪري؟لاهور پوليس سان لاڳاپيل خبرون ان کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن، ڇاڪاڻ ته هتي جوابدار ڪو ٻيو نه پر خود پوليس وارا آهن 4 آگسٽ تي لاهور جي ٽائون شپ ٿاڻي ۾ هڪ شهريءَ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ته ٻن عورتن سندس ڀيڻ کان  سون  ۽ 5 هزار رپيا دوکي سان هٿ ڪري ورتا. 15 تي ڪال اچڻ کانپوءِ پوليس ٻنهي عورتن کي کڻي ٿاڻي وٺي آئي. ٿاڻي جي فوٽيج ۾ ٻئي عورتون محرر جي ڪمري ۾ ويٺل ۽ تندرست نظر اچن ٿيون، پر اوچتو چند ڪلاڪن اندر ٻنهي جي طبيعت خراب ٿئي ٿي ۽ هو فوت ٿي وڃن ٿيون.هوڏانهن وارثن جو چوڻ آهي ته ٻنهي جي جسمن تي تشدد جا نشان هئا ۽ ڪپڙا ليڙون ٿيل هئا. پوليس جو دعويٰ آهي ته هو نوسرباز ۽ نشي جون عادي هيون ۽ اوورڊوز سبب فوت ٿيون هاڻي پوليس ئي ان واقعي جي جاچ  ڪندي ته ان تي ڪير اعتماد ڪندو؟ خانابدوش عورتن جي تدفين پاڪپتن ۾ پوليس جي سخت پهري هيٺ ٿي. ڇا پنجاب حڪومت ۽ آءِ جي  پنجاب ان ڳالهه جي جاچ ڪندا ته ٿاڻي ۾ تشدد ٿيو يا نه؟: 2 آگسٽ تي ٿاڻي غازي آباد جي هڪ اي ايس آءِ بازار مان هڪ عام نياڻيءَ کي کڻي ٿاڻي وٺي ويو. گھر پهچي نياڻيءَ ٻڌايو ته اي ايس آءِ ساڻس زيادتي ڪئي آهي. معاملو ميڊيا ۾ اچڻ تي ايس ايڇ او سميت 8 پوليس اهلڪار معطل ڪيا ويا.

You might also like