زال ۽ ڀيڻ تي تشدد ڪيو ويو:ثقلين

لاهور(عوامي آواز نيوز)پوليس تحويل ۾ فوت ٿيل انمول جي مڙس ثقلين، جيڪو ٻي عورت آمنه جو ڀاءُ پڻ آهي، الزام هنيو آهي ته سندس گهرواري ۽ ڀيڻ تي حراست دوران مبينا طور تشدد ڪيو ويو.هن چيو ته ته هن پنهنجي گهرواري جو لاش ڏٺو، جنهن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا ۽ منهن ۽ چيلهه تي تشدد جا نشان موجود هئا.ثقلين جو چوڻ آهي ته پوليس طرفان سندس گهرواري ۽ ڀيڻ تي نشو استعمال ڪرڻ جو الزام لڳايو پيو وڃي، جيڪو بلڪل غلط آهي. هن چيو ته ”اهي گهرن ۽ مارڪيٽن ۾ وڃي پينسلون وغيره وڪرو ڪنديون هيون، انهن ڪڏهن سپاري به نه کاڌي. انهن خلاف اڳ ڪڏهن به ڪو ڪيس داخل نه ٿيو هو ان کان اڳ لاهور جي ڊي آءِ جي آپريشنز فيصل ڪامران دعويٰ ڪئي هئي ته ابتدائي جاچ موجب ٻئي عورتون منشيات جون عادي هيون ۽ خدشو آهي ته انهن جي موت منشيات جي وڌيڪ مقدار استعمال ڪرڻ سبب ٿي.گذريل هفتي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊي آءِ جي آپريشنز پوليس جي حراست ۾ عورتن تي مبينا تشدد يا بدسلوڪي جي الزامن کي رد ڪيو هو.انمول جي والد ۽ آمنه جي مامي تجمل حسين بي بي سي سان ڳالهائيندي دعويٰ ڪئي ته ”گرفتاري کان پوءِ جڏهن منهنجي گهرواري ۽ گهر جون ٻيون عورتون ڇوڪرين سان ملڻ لاءِ ٿاڻي ويون ته پوليس اهلڪارن اسان کي غلط ايف آءِ آر ڏني ۽ چيو ته اسان ڇوڪرين کي جيل موڪلي ڇڏيو آهي، توهان سڀاڻي عدالت  وڃي ضمانت ڪرائي وٺو.  سندس چوڻ موجب اها ايف آءِ آر هڪ موٽرسائيڪل سوار نوجوان خلاف سون جي چين ڦرڻ جي الزام ۾ داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ ڪنهن به عورت جوابدار جو ڪو ذڪر نه هو.تجمل وڌيڪ ٻڌايو ته ”5 آگسٽ تي رات اٺين وڳي پوليس طرفان ٻيهر فون آيو ته توهان جي عورتن جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي. ان کان پوءِ اسان انهن کي اسپتال کڻي وياسين، جتي انهن جو موت ٿي ويو.“تجمل حسين چيو ته ”اسان غريب ماڻهو آهيون، پوليس خلاف گهڻو وقت وڙهي نٿا سگهون. پر اسان اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان کي انصاف ڏياريو وڃي.“آمنه جي ماءُ ۽ انمول جي سس زينب بي بي بي بي سي کي ٻڌايو ته اهي خانه بدوش ماڻهو آهن ۽ جهوپڙين ۾ رهون ٿا. ”گهر جا سمورا ماڻهو مزدوري ڪن ٿا، جنهن سان وڏي مشڪل سان گذر سفر ٿئي ٿو.“زينب بي بي جي دعويٰ آهي ته سندس ڌيئرون زخمي هيون ۽ سندن جسم تي موجود ڪپڙا ڦاٽل هئا. سندس چوڻ موجب ڪپڙن جي ڦاٽل هجڻ بابت جڏهن پوليس اهلڪارن کان پڇيو ويو ته انهن چيو ته جن ماڻهن جي پاڙي ۾ اهي واردات ڪري رهيون هيون، انهن کين ماريو هو.زينب بي بي جو چوڻ آهي ته هن اها وڊيو فوٽيج ڏٺي آهي، جنهن ۾ سندس ڌيئرن کي ٿاڻي تي آندو پئي ويو. ”وڊيو ۾ نظر اچي ٿو ته جڏهن اهي ٿاڻي ۾ هيون ته بلڪل صحيح سلامت هيون ۽ سندن ڪپڙا به ڦاٽل نه هئا.“

You might also like