جناح اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب مريض فوت، سينئر ترين ڊاڪٽر پاران عهدو ڇڏڻ جو فيصلو

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)  ڪراچي جي سڀ کان وڏي سرڪاري اسپتال جناح ۾ ڊاڪٽرن جي مبينه غفلت سبب 65 ورھين جو مريض فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ايمرجنسي شعبي جي واحد سينئر ڊاڪٽر صنوبر سڪندر، اسسٽنٽ پروفيسر ميڊيسن جي عهدي تان فرض انجام ڏيڻ کان معذرت ڪندي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر جناح اسپتال کي عهدي تان رليف لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي.ڊاڪٽر صنوبر سڪندر موجب 28 جولائي جي رات پيش آيل واقعي تي وضاحت طلب ڪرڻ کانپوءِ کيس اسپتال انتظاميا پاران تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته واقعي تي مناسب ڪارروائي نه ٿيڻ سبب موجوده حالتن ۾ طبي، تدريسي ۽ انتظامي ذميواريون نڀائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.درخواست ۾ ڊاڪٽر صنوبر سڪندر موقف اختيار ڪيو ته:ايمرجنسي ۾ پيشيوراڻي احترام جي ڪمي غير صحت بخش ورڪنگ ماحول،اندروني سياسي مداخلت ۽  جونيئر ڊاڪٽرن جي غير مناسب رويي سبب هوءَ شديد ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي. ڊاڪٽر صنوبر سڪندر جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال ۾ خدمتون جاري رکڻ انتهائي ڏکيو ٿي چڪو آهي، ان ڪري هوءَ پنهنجي عهدي تان رليف چاهيان ٿي ٻئي پاسي ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن (وائي ڊي اي) سنڌ پڻ ردعمل ڏيندي اسپتال انتظاميا کان معاملو فوري حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.وائي ڊي اي سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر محبوب نوناري جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر صنوبر سڪندر جناح اسپتال جي ايمرجنسي ميڊيسن جي واحدايف سي پي ايس اسسٽنٽ پروفيسر آهي، جڏهن ته هوءَ ايف سي پي ايس پروگرام جي فيڪلٽي ممبر ۽ ٽريني ڊاڪٽرن جي سپروائيزر به آهي. ڊاڪٽر محبوب نوناري وڌيڪ چيو ته نائيٽ شفٽ انچارج کي بچائڻ لاءِ سينئر ڊاڪٽر کي پوئتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ انچارج ڊاڪٽر وقاص کي بچايو پيو وڃي، جنهن جي وضاحت ٿيڻ گهرجي. جڏهن ته ڊاڪٽر صنوبر تي سينئر ڊاڪٽرن پاران دٻاءُ به وڌو ويو ته هن وضاحت ڇو طلب ڪئي.وائي ڊي اي سنڌ جي چيئرمين مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر وقاص کان واقعي تي وضاحت طلب ڪري ذميواري جو تعين ڪيو وڃي، ۽ جيڪڏهن سندس غفلت ثابت ٿئي ته ڪارروائي ڪندي کيس عهدي تان هٽايو وڃي ۽ ذميوار ڊاڪٽرن کي ايمرجنسي هلائڻ جو حق ڏنو وڃي.ٻئي طرف جناح اسپتال جي جوائنٽ ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر سليم، ڊاڪٽر صنوبر سڪندر جي معاملي تي موقف ڏيندي چيو آهي ته ڊاڪٽر صنوبر ايف سي پي ايس  پروگرام جي فيڪلٽي ممبر ۽ ٽريني ڊاڪٽرن جي سپروائيزر آهي.هوءَ جناح اسپتال جو قيمتي اثاثو آهي ۽ انتظاميا کيس وڃائڻ نٿي چاهي. معاملي کي جلد حل ڪري ڊاڪٽر صنوبر سڪندر جا تحفظات ختم ڪيا ويندا.

You might also like