اسلام آباد (م ڊ) صدر آصف زرداري جنرل سيد عامر رضا کي نشان امتياز ملٽري سان نوازيي ڇڏيو.ڪمانڊر نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جنرل سيد عامر رضا کي نشان امتياز ملٽري سان نوازڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ منعقد ڪئي وئي. صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ۽ سروسز چيف تقريب ۾ موجود هئا. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، چيئرمين سينيٽ، وفاقي وزير ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار پڻ تقريب ۾ موجود هئا.