مير رضا کي تيزاب سان وهنجاريو ويو:جبران ناصر

ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وڪيل جبران ناصر دعويٰ ڪئي آهي ته 28 جولاءِ جي شام تائين مير رضا زنده هو ۽ قتل کان اڳ اغواڪارن کيس 12 ڪلاڪن تائين تشدد جو نشانو بڻايو.هن چيو ته مير رضا تي تيزاب وڌو ويو ۽ خدشو آهي ته کيس تيزاب پياريو به ويو هجي.جبران ناصر جو چوڻ هو ته قاتلن کي خبر هئي ته ڪهڙين جڳهن تي ڪيمرا موجود ناهن ۽ مير رضا کي ڪهڙي هنڌان اغوا ڪرڻو آهي. قاتلن کي اهو پڻ معلوم هو ته مير رضا جو لاش ڪٿي ۽ ڪهڙي طريقي سان ڇڏڻو آهي.هن سوال اٿاريندي چيو ته ”اسان اهو ڪيئن مڃي وٺون ته هن پنهنجو اڪائونٽ پاڻ خالي ڪيو يا سندس موبائل فون هيڪ ٿي ويو؟“جبران ناصر چيو ته مير رضا جي ٽيجهي واري ڏينهن سندس اسمارٽ واچ طلب ڪئي وئي، جڏهن ته ايس ايس پي سميع الله سومرو 8 ڏينهن تائين اهم ثبوت پنهنجي قبضي ۾ رکيو گهمندو رهيو.وڪيل چيو ته ايف آءِ آر ۾ شق 201 شامل ڪئي وئي آهي، جيڪا ثبوت ختم ڪرڻ بابت آهي.هن وڌيڪ چيو ته جاچ ٽيم ۾ اهڙو آفيسر شامل ڪيو ويو، جيڪو قتل کان ٻه هفتا اڳ ڪشمير ۾ موجود هو. سندس چوڻ موجب اهو آفيسر اڄ تائين واپس نه آيو، پوءِ سوال اهو آهي ته ”ڇا هن ڪشمير مان جاچ ڪرڻي هئي؟“جبران ناصر وڌيڪ مطالبو ڪيو ته ثبوتن کي نظرانداز ڪرڻ جي الزام هيٺ گلستانِ جوهر ٿاڻي جي پوليس آفيسرن خلاف کاتي اندر ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like