اسلام آباد / ڪراچي(عوامي آواز نيوز) پوليس کي مير رضا جي شرٽ جي ڪيميڪل ايگزيمن (ڪيميائي تجزيي) جي تفصيلي رپورٽ وصول ٿي وئي آهي. جاچ ذريعن موجب مير رضا جي شرٽ جي ڪيميائي معائني دوران ان تي تيزاب جا واضح ثبوت مليا آهن.ان رپورٽ ۾ سڀ کان وڏو ۽ سنسني خيز انڪشاف مير رضا جي رت جي نمونن بابت ٿيو آهي. ڪيميائي تجزيي جي رپورٽ موجب، مير رضا جي رت جي نموني مان بيهوشيءَ جي دوا جا جزا پڻ مليا آهن، جنهن سان اهو شڪ وڌيڪ شديد ٿي ويو آهي ته فوتگيءَ کان اڳ مير رضا کي ڪا نشي آور يا بيهوش ڪندڙ شئي ڏني وئي هئي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته شرٽ تي پٺيءَ واري پاسي بارود جي ذڙن جي وڌيڪ مقدار سائنسي طور اهو ظاهر ڪري ٿي ته گولي سامهون کان نه پر پٺيان هئين وئي هئي..ان کان اڳ ڪيس جي تحقيقات ۾ اڳوڻي جاچ ٽيم جي مجرماڻي غفلت ۽ نااهلي به سامھون آئي هئي. جاچ عملي موجب واردات کان وٺي هينئر تائين واقعي واري جاءِ جي جيو فينسنگ به نه ڪرائي وئي هئي ۽ نه ئي مير رضا جو موبائل ڊيٽا ريڪارڊ حاصل ڪيو ويو هو. نئين جاچ ٽيم نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي سان به رابطو ڪري ورتو آهي جتي هڪ باقاعده درخواست جمع ڪرائي ويندي تاڪه اهو معلوم ڪري سگهجي ته فوتگيءَ کان اڳ مير رضا کي ڪنهن قسم جون آن لائن يا فون تي ڌمڪيون ته نه ملنديون هيون.ڪيس جي قانوني پاسن تي ڳالهائيندي مير رضا جي خاندان جي وڪيل جبران ناصر ميڊيا کي ٻڌايو ته ان ڏکوئيندڙ واقعي کي هاڻي 12 کان 13 ڏينهن گذري چڪا آهن پر ابتدائي فرانزڪ رپورٽ تائين وصول ناهي ٿي.هن تفصيل ٻڌائيندي چيو ته مير رضا جي شرٽ ۽ جسم جي مختلف عضون جا نمونا جيڪي پراڻي جاچ ڪميٽي پاران ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري موڪليا ويا هئا، انهن جي رپورٽ هڪ ٻن ڏينهن ۾ اچڻ جي اميد آهي.ٻئي طرف مير رضا جي والد مير حسين نئين جاچ ٽيم جي رويي تي ٻيهر گهري اطمينان جو اظهار ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته نئين جاچ ٽيم سندن تمام ڳالهيون غور سان ٻڌي رهي آهي ۽ کين ان نئين ٽيم تي پورو اعتماد آهي.هن اڳوڻي ٽيم تي تنقيد ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ته جيڪڏهن شروعاتي ڏينهن ۾ موثر طريقي سان تحقيقات ڪئي وڃي ها ته اهو ڪيس اڄ ڪنهن ٻئي ۽ بهتر مرحلي ۾ هجي ها،