ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) بنگال ۽ دهلي ڪيپيٽلز جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر اڀيشيڪ پوريل کي مبينا ريپ ۽ ٻين جنسي ڏوهن جي الزامن واري ڪيس ۾ ڪولڪتا پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڀيشيڪ پوريل کي 11 آگسٽ 2026ع تي گرفتار ڪيو ويو ۽ ساڳئي ڏينهن کيس هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ڪرڪيٽر خلاف ڪيس 30 جون تي داخل ڪيو ويو هو.
عدالتي ڪارروائي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدارن وٽ موجود اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ضبط ڪرڻ ضروري آهن، جن ۾ درخواستگذار جون مبينا نامناسب تصويرون موجود آهن، ته جيئن سندس ساک ۽ رازداري جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي.
عدالت پوليس کي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۽ وٽن موجود اليڪٽرانڪ ڊوائيسز ضبط ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، 11 آگسٽ تي عدالت کي موگرا پوليس اسٽيشن جي انچارج طرفان آگاهه ڪيو ويو ته جوابدار نمبر 6 کي رات جو گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پوليس کي گرفتاري کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ وقت ڏيڻ جي درخواست ڪئي وئي.
واضح رهي ته اڀيشيڪ پوريل آءِ پي ايل 2026ع جي پڄاڻي کانپوءِ ڪا به مقابلي واري ڪرڪيٽ نه کيڏي آهي.
هن آءِ پي ايل 2026ع ۾ دهلي ڪيپيٽلز طرفان رڳو 4 ميچون کيڏيون هيون.