صدر مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري مختلف هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري ۽ ڪجهه ايڊيشنل ججن جي توثيق جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ايوانِ صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب، صدر آصف علي زرداري لاهور، سنڌ ۽ پشاور هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي.
صدر اسلام آباد ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽن ۾ ايڊيشنل ججن جي مقرري جي منظوري کانسواءِ سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽن جي ڪجهه ايڊيشنل ججن جي مستقل ججن طور مقرري جي منظوري پڻ ڏني.
صدر سپريم ڪورٽ جي ججن جون پگهارون، الائونسز ۽ پينشن وفاقي آئيني عدالت جي ججن جي برابر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، جڏهن ته هاءِ ڪورٽ جي ججن جي موڪل، پينشن ۽ مراعتن بابت 1997ع واري حڪم ۾ ترميمن جي منظوري پڻ ڏني وئي.
صدر هارون اختر کي وزيراعظم جو صنعت ۽ پيداوار بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي.

You might also like