ڪراچي (ويب ڊيسڪ): سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي شازيه مري کي مبينا جعلي ڊگري جي بنياد تي نااهل قرار ڏيڻ بابت درخواست جو 13 سال کانپوءِ فيصلو ٻڌائيندي ان کي ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو.
عدالت قرار ڏنو ته آئين جي آرٽيڪل 62(1)(f) تحت ڪنهن پارليامينٽ ميمبر کي نااهل قرار ڏيڻ جو اختيار هاءِ ڪورٽ وٽ ناهي.
عدالت چيو ته ڪنهن شخص کي نااهل قرار ڏيڻ لاءِ رڳو آئيني درخواست ڪافي ناهي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ اها درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي.
شازيه مري خلاف جعلي ڊگري تي نااهلي واري درخواست 13 سال کانپوءِ ٻڌڻي جوڳي نه قرار ڏئي رد
You might also like