دمشق (ويب ڊيسڪ) شامي عدالت اڳوڻي صدر بشار الاسد کي انسانيت خلاف ڏوهن ۽ جنگي ظلمن جي الزامن هيٺ سندس غيرموجودگيءَ ۾ موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، شامي عدالت بشار الاسد جي ڀاءُ ماهر الاسد ۽ اڳوڻي سيڪيورٽي عهديدار عاطف نجيب سميت اڳوڻي حڪومت جي ڪيترن ئي عهديدارن کي به موت جي سزا ٻڌائي آهي.
عاطف نجيب عدالت ۾ موجود هو ۽ سندس خلاف ڪارروائي حاضريءَ ۾ ڪئي وئي.
واضح رهي ته عاطف نجيب 2011ع ۾ درعا صوبي جي سياسي سيڪيورٽي برانچ جو سربراهه هو ۽ ان دور جي ڪارروائين سان گڏ سنگين انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي الزامن کي منهن ڏئي رهيو هو.
ٻئي پاسي، بشار الاسد ڊسمبر 2024ع ۾ سندس حڪومت جي خاتمي کانپوءِ روس فرار ٿي ويو هو، جڏهن ته عدالت سندس خلاف فيصلو غيرحاضريءَ ۾ ٻڌايو.
You might also like