عمران سان ملڻ ڏيو، يقين ڏياريون ٿا ته خاندان يا وڪيلن مان ڪو به پريس ڪانفرنس نه ڪندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزير اعليٰ خيبر پختونخواهه سهيل آفريدي چوي ٿو ته اسان کي عمران خان سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، اسان ضمانت ڏيون ٿا ته ملاقات کان پوءِ ڪا به پريس ڪانفرنس نه ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سهيل آفريدي چيو ته جيڪڏهن اڳوڻي وزيراعظم تي ظلم ڪيو پيو وڃي ته نوجوان پاڻ لاءِ ڇا سوچيندا؟ نوجوان پنهنجو مستقبل اونداهي ۾ ڏسي رهيا آهن، اهي تمام گهڻو ناراض آهن. وزير اعليٰ خيبر پختونخواهه چيو ته 27 سيپٽمبر تي پاڪستان جا نوجوان پنهنجن گهرن مان نڪرندا، سڀئي صوبا 27 سيپٽمبر جي سڏ جي تياري ڪندا. هن چيو ته عمران خان جي صحت خراب آهي، اسان چاهيون ٿا ته سندس علاج ٿئي، اسان کي ساڻس ملڻ جي اجازت ڏني وڃي. اسان، باني جو خاندان ۽ وڪيل، ضمانت ڏيون ٿا ته اسان ملاقات تي پريس ڪانفرنس نه ڪنداسين، پر جيڪڏهن اسان کي ملڻ جي اجازت نه ڏني وئي ته اسان سپريم ڪورٽ جي سامهون ڌرڻو هڻي احتجاج ڪنداسين. سهيل آفريدي چيو ته اسان عمران خان کي ڪو به نقصان نه ٿا چاهيون، ڪو به باني پي ٽي آءِ کي نقصان پهچائڻ جي جرئت نٿو ڪري، اسان جي سياست عمران خان سان آهي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان جو نوجوان نفرت ۽ ڪاوڙ ۾ آهي، نوجوانن کي ملڪ ۾ پنهنجو مستقبل نظر نٿو اچي، پاڪستان جو نوجوان هي يزيديت ۽ بيروزگاري برداشت ئي نٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته مان سڄو پاڪستان گهمي چڪو آهيان، نوجوان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار آهن، جڏهن اهي نوجوان ٻاهر نڪتا ته مان به انهن کي سنڀالي نه سگهندس، 27 سيپٽمبر تي سڄي قوم ٻاهر هوندي ۽ پوءِ ڪنهن وٽ به سنڀالڻ جو موقعو نه هوندو.

You might also like