پيٽرول اصل لاڳت کان 139 ۽ ڊيزل 116 رپيا في ليٽر مهانگو

اسلام آباد (بيورو) شهري پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي وڌندڙ ٽيڪسن جي بار هيٺ اچي ويا، جڏهن ته پيٽرول اصل قيمت کان 139 رپيا 93 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 116 رپيا 10 پئسا في ليٽر مهانگو وڪامڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، دستاويزن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي بنيادي قيمت 197 رپيا 69 پئسا بڻجي ٿي، جڏهن ته هن وقت ان جي في ليٽر قيمت 327 رپيا 62 پئسا مقرر ٿيل آهي، شهري هڪ ليٽر پيٽرول تي مجموعي طور 130 رپيا 23 پئسا مختلف ليوي، ٽيڪس ۽ مارجن جي مد ۾ ادا ڪرڻ تي مجبور آهن، پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 80 رپيا پيٽروليم ليوي، 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي، 21 رپيا 24 پئسا ڪسٽمز ڊيوٽي، 7 رپيا 48 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرز مارجن شامل آهي، ساڳيءَ طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر بنيادي قيمت 264 رپيا 76 پئسا آهي، جڏهن ته ان جي قيمت 380 رپيا 86 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، دستاويز موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل تي مجموعي طور 116 رپيا ليوي، ٽيڪس ۽ مختلف مارجن وصول ڪيا پيا وڃن، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر تي 74 رپيا 28 پئسا پيٽروليم ليوي ۽ 5 رپيا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي لاڳو آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 15 رپيا 68 پئسا ڪسٽمز ڊيوٽي، 4 رپيا 63 پئسا ان لينڊ فريٽ ايڪولائيزيشن مارجن، 7 رپيا 87 پئسا آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جو مارجن ۽ 8 رپيا 64 پئسا ڊيلرز مارجن شامل آهي.

You might also like