ڪتاب ”سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ“ هڪ جائزو

ورثا پيرزادو

ڪتاب بابت سڀ کان سٺي ڳالهه اها ناهي ھوندي ته ان جي هر ڳالهه سان اتفاق ڪيو وڃي، پر اها آهي ته ڪتاب پڙهندڙ کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ اختلاف ڪرڻ تي مجبور ڪري. جيڪو ڪتاب اسان کي ڪجهه نئون سوچڻ لاءِ ڏئي ٿو، اهو ان ڪتاب کان وڌيڪ ڪارائتو آهي  جنهن جي هر ڳالهه تي پڙهندڙ پهرين ئي متفق هجي. مثال طور، جيڪڏهن ڪو چوي ته دنيا گول آهي ته ان ڳالهه تي بحث جي ڪا خاص گنجائش نٿي رھي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ مڃيل حقيقت آهي. پر جيڪڏهن ڪو چوي ته دنيا گول ناهي ته فوري طور سوال پيدا ٿيندا: ائين ڇو چيو ويو؟ ڪهڙي تحقيق جي بنياد تي چيو ويو؟ ان جا دليل ڪهڙا آهن؟ اهڙي ڳالهه بحث کي جنم ڏيندي ۽ شايد ان بحث مان ئي نئين سمجهه پيدا ٿيندي سينئر صحافي ۽ ليکڪ زرار پيرزادي جي ڪتاب مان ” سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ“ کي به اهڙي ئي نظر سان ڏسان ٿي. هي ڪتاب رڳو پڙهڻ ۽ تعريف ڪرڻ لاءِ نه، پر سوال ڪرڻ، بحث ڪرڻ ۽ ضرورت پوڻ تي اختلاف ڪرڻ لاءِ آهي.

آخر اسان جيئن سوچيون ٿا، تيئن ڇو ٿا سوچيون؟ ڪجهه خيال عام رواجي ڪيئن بڻجي وڃن ٿا؟ ڪير طئي ڪري ٿو ته ڪهڙي ڳالهه ”عام فهم“ يا ”ڪامن سينس“ آهي؟ ۽ سڀ کان اهم سوال: ڇا اسان پنهنجا رايا واقعي آزاديءَ سان جوڙيون ٿا يا سماج اڳ ئي اسان لاءِ انهن جي حد مقرر ڪري چڪو هوندو آهي ۽ اسان رڳو انهن جو اظهار ڪندا آهيون؟ اهي سوال بنيادي طور سياسي سوال آهن پر ساڳئي وقت انساني روين ۽ سماجي شعور کي سمجهڻ لاءِ به انتهائي اهم آهن. فرد ڪڏهن به مڪمل طور سماج کان ٻاهر وجود نٿو رکي. اسان هڪ اهڙي سماج ۾ جنم وٺون ٿا، جيڪو اسان کان اڳ ئي ٺهيل هوندو آهي. ٻار کي ٻولي ورثي ۾ ملي ٿي، روايتون ورثي ۾ ملن ٿيون، مذهبي ۽ ثقافتي تصور ورثي ۾ ملن ٿا، طبقاتي حيثيت ورثي ۾ ملي ٿي. ان سان گڏ عورت، مرد ۽ ٽرانس جينڊر ماڻهن بابت تصور، امير ۽ غريب بابت خيال، ڪاميابي ۽ ناڪامي جا معيار ۽ زندگيءَ بابت ڪيترائي ٻيا تصور به اسان کي سماج کان ئي ملن ٿا. بعد ۾ انهن ئي ورثي ۾ مليل تصورن کي ”ڪامن سينس“ جو نالو ڏنو وڃي ٿو.

اسان اڪثر چوندا آهيون ته سوشل ميڊيا هر ماڻهوءَ کي آواز ڏنو آهي. هڪ لحاظ کان اها ڳالهه درست به آهي. هڪ مزدور هزارين ماڻهن تائين پنهنجي ڳالهه پهچائي سگهي ٿو، هڪ عورت ناانصافي کي دنيا آڏو آڻي سگهي ٿي، هڪ شاگرد تحريڪ منظم ڪري سگهي ٿو ۽ هڪ اهڙي ڪميونٽي، جيڪا اڳ سماج جي نظرن کان اوجھل هئي، اوچتو مين اسٽريم بحث جو حصو بڻجي سگهي ٿي. هي ٽيڪنالاجي جو جمهوري پاسو آهي. پر ان جو ٻيو پاسو به ڏسڻ ضروري آهي. اسان رڳو سوشل ميڊيا استعمال نٿا ڪريون؛ سوشل ميڊيا به اسان کي پڙهي ٿي. اها ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ڪهڙي شيءِ اسان کي ڪاوڙائي ٿي، ڪهڙي شيءِ خوف پيدا ڪري ٿي، ڪهڙي شيءِ اسان کي روڪي ٿي، ڪهڙي شيءِ اسان کي ڪلڪ ڪرائي ٿي ۽ ڪهڙي شيءِ اسان کي ڪجهه خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي. پوءِ ساڳئي قسم جو مواد اسان جي سامهون بار بار آندو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح اسان جي توجهه پاڻ هڪ ڪموڊٽي/ معاشي وسيلو بڻجي وڃي ٿي.

گاءِ ڊيبورڊ پنهنجي ڪتاب ”The Society of the Spectacle“ ۾ ان سماج تي بحث ڪري ٿو، جتي حقيقت سان اسان جو تعلق تصويرن، ڏيکاءَ ۽ شين جي نمائش ذريعي قائم ٿئي ٿو. اڄ اسان سياست جو تجربو گهٽ ۽ سياست جون تصويرون وڌيڪ ڏسون ٿا. جنگ کي ميدان ۾ نه، اسڪرين تي ڏسون ٿا. غربت سان سڌو ٽڪر گهٽ ٿئي ٿو، ان جون وڊيوز وڌيڪ ڏسون ٿا. پيڙا ھاڻي ”ڪنٽينٽ“ بڻجي وڃي ٿي ۽ پوءِ ساڳي اسڪرين تي ڪجهه ئي لمحن کان پوءِ ڪا مزاحيه يا تفريحي وڊيو اچي وڃي ٿي. هي ڊجيٽل دور جو وڏو تضاد آھي.

اسان وٽ گذريل نسلن کان وڌيڪ ڄاڻ آهي، پر وڌيڪ معلومات وڌيڪ سمجهه پيدا نٿي ڪري. اسان دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين ٿيندڙ جنگين، ظلم ۽ ناانصافين جون تصويرون ڏسون ٿا. غزا کان سوڊان تائين، ڪشمير کان ڪانگو تائين، دنيا جي هر بحران جون تصويرون اسان جي اسڪرين تي موجود آهن. پنهنجي ڌرتي، پنهنجي پاڙي ۽ پنهنجي ڳوٺ ۾ ٿيندڙ واقعن جي به خبر آهي. پر مسلسل ڏسڻ جي عمل ۾ هڪ خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي: غير معمولي شيون به عام لڳڻ شروع ٿين ٿيون.

اسڪرين اسان کي اڻٿيڻي شيءِ ڏيکاري سگهي ٿي، پر ساڳي اسڪرين ناقابلِ قبول شيءِ کي به ”نارمل“ بڻائي سگهي ٿي. هڪ سمارٽ فون بظاهر هڪ غيرجانبدار شيءِ آهي، پر ان جي پويان پورھيتن جي محنت، معدنيات، ڪمپنيون، اشتهارن جو نظام، ڊيٽا سينٽر ۽ وڏي معاشي طاقت جو هڪ مڪمل ڍانچو موجود آهي. تنهنڪري جڏهن اسان ”روين“ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته سوال رڳو اهو نه هجڻ گهرجي ته ماڻهو آن لائن ڇا ڪري رهيا آهن؟ اسان کي اهو به پڇڻ گهرجي ته پليٽفارم ڪنهن جي ملڪيت آهن؟ اسان جي ڊيٽا مان منافعو ڪير ڪمائي ٿو؟ اسان جي توجهه کي ڪير ڪنٽرول ڪري ٿو؟ ڪير طئي ڪري ٿو ته ڪهڙي ڳالهه لکين ماڻهن تائين پهچندي ۽ ڪهڙي ڳالهه نظرانداز ٿي ويندي؟ ۽ سڀ کان اهم: اسان جي روين مان فائدو ڪنهن کي پهچي ٿو؟ هي سوال پنهنجي اندر هڪ مڪمل بحث رکن ٿا. اسان وٽ معلومات اڳ کان وڌيڪ آهي، پر شايد سمجهه، تنقيدي سوچ ۽ سهپ جي ضرورت به اڳ کان وڌيڪ آهي.

ھن ڪتاب ۾ بھ ليکڪ اھو چيو آھي تھ”ماڻهن ۾ سهپ ختم ٿي رهي آهي.“ پر شايد اسان کي ان سان گڏ هڪ ٻيو سوال به ڪرڻ گهرجي: ڇا ماڻهو فطري طور تي گهٽ سهپ وارا ٿي رهيا آهن يا اسان جو سماجي ماحول ئي اهڙو بڻجي رهيو آهي، جيڪو عدم برداشت کي وڌائي رهيو آهي؟ هي سوال ان ڪري اهم آهي، جو فرد کي الزام ڏيڻ آسان آهي، پر سماج کي سمجهڻ ڏکيو. جيڪڏهن هڪ سماج ۾ مسلسل مقابلو هجي، معاشي دٻاءُ هجي، هر ماڻهوءَ کي پنهنجي بقا لاءِ وڙهڻو پوي، سوشل ميڊيا ڪاوڙ ۽ تڪرار کي مسلسل وڌائي ۽ سياسي گفتگو ۾ مخالف راءِ رکڻ واري کي دشمن سمجهيو وڃي، ته پوءِ اسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته عدم برداشت پيدا ٿيڻ جون سماجي حالتون ڪهڙيون آهن؟

 فرد کي ڀلي ڏسو، پر فرد جي پويان موجود سماج کي به ڏسو.

رويي کي ڀلي ڏسو، پر ان رويي کي پيدا ڪندڙ حالتن کي به ڏسو. پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته فرد جي ذميواري ختم ٿي وڃي ٿي؟ نه.

جيڪڏهن سماج اسان جي سوچ تي اثر وجهي ٿو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته اسان پنهنجي ذميواري کان آجا ٿي وڃون ٿا. انسان وٽ سوچڻ جي صلاحيت آهي، سوال ڪرڻ جي صلاحيت آهي، سکڻ ۽ پنهنجي روين کي تبديل ڪرڻ جي صلاحيت آهي. تنهنڪري بهتر سماج لاءِ ٻنهي شين جي ضرورت آهي: فرد جي خودتنقيد به ۽ سماج جي تنقيد به. اسان کي پاڻ کان به سوال ڪرڻو پوندو ۽ سماج کان به. پنهنجي روين کي به ڏسڻو پوندو ۽ انهن حالتن کي به، جيڪي اهي رويا پيدا ڪن ٿيون. شايد ”سماجي سوچن ۽ روين جو ڊجيٽل الٽراسائونڊ“ جو استعارو به هتي ئي سڀ کان وڌيڪ معنيٰ وارو بڻجي وڃي ٿو.

الٽراسائونڊ جسم جي اندر لڪل شين کي ڏسڻ ۾ مدد ڪري ٿو. منهنجي نظر ۾ هي ڪتاب به اسان جي سماجي وجود جو هڪ قسم جو الٽراسائونڊ آهي. اهو اسان کي پنهنجي اندر ڏسڻ لاءِ چوي ٿو. اسان جي سوچ ۾ ڇا آهي؟ اسان جي روين ۾ ڇا آهي؟ اسان تنقيد ڇو برداشت نٿا ڪريون؟ اختلاف کان ڇو ڊڄون ٿا؟ مطالعي مان ڇا وٺون ٿا؟ هڪ ٻئي کي ٻڌڻ لاءِ ڪيترا تيار آهيون؟ ۽ شايد سڀ کان اهم سوال: اسان جيڪو پاڻ صحيح سمجهون ٿا، ان تي سوال ڪرڻ لاءِ ڪيترا تيار آهيون؟

ليکڪ کي هن ڪتاب تي مبارڪ ڏيڻ جو بهترين طريقو شايد اهو ناهي ته ڪتاب جي هر ڳالهه سان اتفاق ڪيو وڃي. اصل مبارڪباد اها آهي ته هن پنهنجي خيالن ۽ مشاهدن کي لفظن ۾ آڻي اهم موضوعن تي ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي آهي. ليکڪ لاءِ سڀ کان وڏي عزت ان سان انڌو اتفاق ڪرڻ ناهي؛ سنجيده پڙهڻ، سنجيده سوال ڪرڻ ۽ سنجيده اختلاف ڪرڻ ئي اصل عزت آهي. اسان کي اهڙو سماج گهرجي، جتي ماڻهو پنهنجي ڳالهه ڪري سگهي ۽ ساڳئي وقت ٻئي ماڻهوءَ جي ڳالهه ٻڌڻ جي صلاحيت به رکي. اهڙو سماج، جتي تنقيد کي دشمني نه سمجهيو وڃي ۽ اختلاف کي نفرت ۾ تبديل نه ڪيو وڃي. اسان کي اهڙا ڪتاب گهرجن، جيڪي رڳو شيلف تي رکڻ لاءِ نه، پر ذهن کولڻ لاءِ پڙهيا وڃن. اهڙو مطالعو گهرجي، جيڪو رڳو معلومات گڏ ڪرڻ جو عمل نه هجي، پر شعور پيدا ڪرڻ جو ذريعو بڻجي. ڇو ته بهتر سماج بهتر روين کان سواءِ نٿو ٺهي سگهي. پر بهتر رويا به خالي نصيحتن سان پيدا نٿا ٿين؛ انهن لاءِ بهتر سماجي حالتون به ضروري آهن. تنهنڪري اسان کي ٻنهي طرفن ڏسڻو پوندو: فرد کي به ۽ سماج کي به؛ سوچ کي به ۽ ان سوچ کي ٺاهيندڙ حالتن کي به.

هن ڪتاب جو شايد سڀ کان وڏو پيغام به اهو ئي آهي ته اسان کي صرف دنيا کي ڏسڻ نه گهرجي، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي اندر به ڏسڻ گهرجي. جيڪڏهن پنهنجي سوچ ۾ ڪا خامي نظر اچي ته ان کي تبديل ڪرڻ کان ڊڄڻ نه گهرجي. جيڪڏهن پنهنجي روين ۾ ڪا سختي نظر اچي ته ان کي نرم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن سماج ۾ عدم برداشت نظر اچي ته ان کي رڳو ڏوهه قرار ڏيڻ بدران، ان جا سبب ڳولڻ گهرجن. ڇو ته سماج اسان کان ٻاهر ڪا شيءِ ناهي. اسان پاڻ سماج آهيون. ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجي سوچ ۽ روين کي تبديل ڪرڻ شروع ڪريون ٿا، ته شايد سماج کي تبديل ڪرڻ جي شروعات به اتي ئي ٿئي ٿي.

You might also like