اسان پهريون به هڪ ٻه ڀيرا ان مسئلي تي ايڊيٽوريل لکي چڪا آهيون ته ملڪي ادارن ۽ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازم دانهون ۽ رڙيون ڪري رهيا آهن ته کين گهربل فنڊ نٿا ملن ۽ ان نتيجي ۾ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي وقت سر پگهارون به نه ٿيون ملن ۽ ان نتيجي ۾ ادارن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي وقت سر پگهارون به نه ٿيون ملن. اسان سئو سيڪڙو انهن شڪايتن سان متفق آهيون ۽ نه رڳو سهمت آهيون پر سندن آواز ۾ آواز ملائڻ وارن مان پڻ آهيون.
ان حوالي سان پاڻ اڄ پي ٽي وي ڪارپوريشن جو هتي ڪيس رکون ٿا، جنهن کي اسان هن ملڪ جهڙوئي هڪ تاريخي ۽ جذباتي وجود سمجهون ٿا ۽ اسان جو خيال آهي ته پي ٽي وي کان سواءِ نه ملڪ هلي سگهندو نه ئي حڪومتون. پر اقتدار جو نشو هڪ اهڙو نشو آهي جيڪو جيڪو حڪمرانن کي زميني حقيقتن کان پري ڪري ڇڏيندو آهي ۽ حڪمرانن جو اهو نشو تڏهن لهندو آهي جڏهن اهي اقتدار جي مسنند واري آسمان تان ڦهڪو ڏئي اچي پٽ تي ڪرندا آهن. اهڙي نشي ۾ ڌت حڪمرانن کي هن وقت بلڪل به اندازو ناهي ته اهي پي ٽي وي جي ان وڻ نما اداري جي ٽاريءَ کي تباهه ڪري وڍي رهيا آهن جنهن جي ٽاريءَ تي اهي پاڻ ويٺل آهن پر سندن اقتداري نشو تڏهن لهندو جڏهن پي ٽي وي جي وڻ جي اها ٽاري جنهن تي پاڻ ويٺل آهن سا اچي پٽ تي ڪرندي، ان عمل کي اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙي هڻڻ سمجهنداسين. سو پاڻ کي ان ڳالهه تي حيرت نه ٿي ٿئي ته اقتدار جي نشي ۾ ڌت حڪمران پي ٽي وي جهڙي محسن اداري کي تباهه ڪري رهيا آهن.
پي ٽي وي صرف عوام کي تفريح مُهيا ڪرڻ جو ادارو ناهي رهيو پر تاريخي طور تي ڏسجي ته ان اداري ملڪ جي تحفظ ۽ سلامتي لاءِ ٻين سڀني ادارن کان وڌيڪ سگهارو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ دنيا اندر ملڪ جي عزت ۽ شان ۾ يادگار اضافو ڪيو آهي. اسان جي مشاهدي ۽ تجربي ۾ اهو به آيو آهي ته جيئن هن اداري کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، ان کان لاتعلقي ۽ عدم دلچسپي جو اظهار ڪيو ويو آهي تيئن تيئن هي ملڪ ڪمزور کان ڪمزور ٿيندو ويو آهي.
هن ايڊيٽوريل جو مقصد وفاقي حڪومت جو اهو اقتداري نشو لاهي سندن اکيون کولڻيون آهن ڇاڪاڻ ته ملڪي نظام جي تباهي جون ڳالهيون هلڻ شروع ٿي ويون آهن. اها به تلخ حقيقت آهي هت مسلم ليگ (ن) جي حڪومتن ۾ ئي پي ٽي وي تي زوال جا دور ايندا آهن جڏهن ته پي ٽي وي جا شاندار ۽ سونهري دور پ پ جي دور ۾ آيا آهن ۽ ايئن مسلم ليگ (ن) جي موجوده وفاقي حڪومت به پي ٽي وي کي تباهه ڪرڻ جي ڪا ڪسر ناهي رهائي. پي ٽي وي کي هاڻي اسٽيل مل وانگر مڪمل طور تي تباهه ڪري ڪٻاڙ خاني ۾ وڪڻڻ جهڙو ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان موجوده حڪومت جو آخري وڏو ڌڪ بجلي جي بلن سان گڏ ملندڙ ٽي وي جي لائنسس في ختم ڪرڻ آهي. اسان کي ياد آهي ته پهريون پي ٽي وي لائنسس في 30 روپيا مقرر هوندي هئي جنهن مان پي ٽي وي کي 11 ارب روپيا ملي ويندا هيا جو ان مان سڄي اسٽاف کي پگهارون ملي وينديون هيون، پر وزير اعظم شهباز شريف اهي 30 روپيا عوام تي بار سمجهي اها لائنسس في ختم ڪئي ته اسان پاڻ پي ٽي وي کي سبسڊي ڏينداسين پر اها سبسڊي مقرر وقت تي نه ٿي ملي ۽ نه ئي پي ٽي وي جي خاص علاقائي سينٽرن جهڙوڪ ڪراچي، پشاور، ڪوئيٽا، ملتان، مظفر آباد کي گهربل فنڊ ملن ٿا جنهن سبب انهن سڀني سينٽرن تان نه پروگرام ٿين ٿا ۽ نه ئي اٽي ۾ لوڻ جيترن ٿيندڙ پروگرامن جي ميزبانن ۽ شرڪت ڪندڙ مهمانن کي پيسا ملن ٿا. فنڊن جو رحم ۽ ڪرم وڌ ۾ وڌ پي ٽي وي جي هيڊ ڪوارٽر اسلام آباد ۽ لاهور سينٽر تي آهي باقي ملڪ جي ٻين سڀني سينٽرن جي حالت ڏڪاريل ڏيهه جهڙي ٿي وئي آهي.
اوهان انهن ٽي وي سينٽرن جهڙوڪ ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور، ملتان جو جائزو وٺندا ته اوهان کي ويتر اهو احساس ٿيندو ته انهن ٽي وي سينٽرن ۾ هاڻي به هڪ بهترين انفراسٽرڪچر موجود آهي. مطلب ته گاڏي به مڪمل تيار آهي ۽ ان کي هلائڻ وارا ڊرائيور به موجود آهن مسئلو رڳو اهو آهي ته ان گاڏي ۾ تيل وجهائڻ جا فنڊ ناهن. جيڪڏهن حڪومت پي ٽي وي کي پنهنجي ملڪ جي وجود جو روح سمجهي ان کي وڌ ۾ وڌ فنڊ ڏئي ته اهي ادارو اڄ به هڪ ملڪ جو روح روان بڻجي سگهي ٿو. پي ٽي وي جو اهو ڪيس وڙهندي پاڻ هتي قومي ٻولين وارن پروگرامن جو به ذڪر ڪنداسين جن کي قومي ٽرانسمينشن ۾ صرف هڪ ڪلاڪ ڏنو وڃي ٿو ۽ افسوس اهو آهي ته اهو ڪلاڪ به مڪمل نٿو ڏنو وڃي. منجهند جو 1 کان 2 وڳي تائين ريجنل پروگرامن کي ڏنل ان هن ڪلاڪ ۾ اشتهار هلائيندا ۽ ڪو وفاقي وزير تقرير ڪندو ته اهي پروگرام ڪٽي ان جي تقرير براهه راست هلائي ڇڏيندا، يعني مقامي ٻولين وارن پروگرامن کي فضول ۽ بي مقصد سمجهندا. جيڪو رويو مذمت جوڳو آهي.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا پي ٽي وي کي پراڻو اوج ملڻ گهرجي يا نه، ته پنهنجو جواب اهو آهي ته پي ٽي وي جو ادارو هن ملڪ جي وجود جو روح روان آهي پر وفاقي حڪومت ان کي هاڻي صرف پنهنجي حڪومتي سرگرمين تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ماضيءَ ۾ پي ٽي وي جو ڪردار عوام جي سماجي ادبي، تعليمي، تاريخي ۽ ثقافتي شعور جي واڌاري لاءِ به هوندو هو صرف حڪومتي سرگرميون نه هونديون هيون پر پي ٽي وي پنهنجي وجود ۾ پاڻ هڪ ملڪ هيو ۽ پنهنجي صوبن ۽ ثقافتن جي اتساهيندڙ نمائندگي ۽ ترجماني ڪندو هو.
سو جيئن پاڻ مٿي ٻڌائي چڪا آهيون ته پي ٽي وي جو انفراسٽرڪچر اڄ به موجود آهي، ان کي فعال ڪرڻ جو اڄ به هر قسم جو مواد موجود آهي، ان جي بهتري لاءِ هزارين صلاحون به ڏئي سگهجن ٿيون. مثال جيڪڏهن ان کي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ وانگر خود مختيار ادارو بڻايو وڃي ته اهو ادارو پاڻ ڪمائي پاڻ کي بهترين انداز سان هلائي سگهي ٿو. پي ٽي وي سينٽرن وٽ ڪمائي جا سڀ ذريعا موجود آهن رڳو وفاقي حڪومت جي ان پاسي سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان آخر ۾ پي ٽي وي سان تاريخي ۽ جذباتي وابستگي رکندڙ سڀني ٽي وي پروڊيوسرن، اديبن اداڪارن، ڳائڻن سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي وينتي ڪنداسين ته اهي سڀ وفاقي حڪومت تي دٻاءُ وجهن ته پي ٽي وي کي بچايو وڃي جيڪو اسان سڀني جو محسن ۽ مڌر انسٽيٽيوٽ آهي جهن اسان سڀني کي سڃاڻپ، عزت ۽ شهرت ڏني، اسان سڀ ان جا مقروض آهيون تنهن ڪري اسان سڀني کي چتاءُ ڏيڻ گهرجي ته اسان پي ٽي وي کي اسٽيل مل وانگر تباهه ڪري ڪٻاڙ خاني ۾ قطعي طور به وڪڻڻ نه ڏينداسين.