سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي، وحدت تي وار برداشت نه ڪنداسين

رتوديرو(ن ع آ) شهيد بشير خان قريشي جي 67هين سالگرھ جي مُک تقريب رتوديري ۾ جسقم سربراھ صنعان خان قريشي جي صدارت ۾ ملهائي وئي، جسقم سربراھ صنعان خان قريشي جي جسقم مرڪزي آرگنائيزرنگ باڊي ڊپٽي آرگنائيزر رشيد ڏيٿو، آرگنائيزر عزيز شيخ،مسعود شاھ، صفدر تنيو، جسقم جي سينئر قيادت امجد خان مهيسر، مومن سمون،ديدار شام، ڏاڏو اطهر سومرو، جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر اشرف ڪلهوڙو، ناياب سرڪش جي اڳوڻي ۾ شهيد جي مزار تي ڀري گلن جي چادر چاڙهي وئي، ان موقعي تي شهيد بشير خان قريشي جي 67 هين سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جڏهن ته جسقم سربراھ صنعان خان قريشي شهيد جي سالگرھ جي مُک تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته شهيد بشير خان قريشي سنڌ جو ارڏو پٽ هو جنهن سائين جي ايم سيد فڪر تي هلي سنڌ جي تاريخي وجود لاءِ جدوجهد ڪري سدائين لاءِ امر ٿي ويو، سنڌ اڄ به کيس ياد ڪري ٿي، جسقم سربراھ صنعان خان قريشي وڌيڪ چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ٿيندڙ سازشن کي ناڪام ڪنداسين، سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي ان جي وحدت تي وار برداشت نه ڪنداسين، هن چيو ته سنڌو درياھ مٿان ڪينال ۽ ڊيم ٺاهڻ جون رٿائون خلاف سنڌ تاريخي جدوجهد ڪري چڪي آهي جيڪڏهن پنجاب پنهنجي هوڏ تان نه لٿو ته سنڌ سياسي مزاحمت ڪندي. جسقم سربراھ صنعان خان قريشي سنڌ غير قانوني افغانين کي نيڪالي ڏني وڃي

You might also like