مير رضا جو والد نئين جاچ ٽيم مان مطمئن، عدالتي ڪميشن نه ٺهندي

ڪراچي (رپورٽر) مير رضا علي جي والد سنڌ حڪومت جي عدالتي جاچ واري تجويز رد ڪري ڇڏي، نئين جاچ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، مير رضا علي جي والد مير حسين پنهنجي پٽ جي پراسرار موت جي جاچ لاءِ سنڌ حڪومت طرفان عدالتي ڪميشن ٺاهڻ واري تجويز رد ڪري ڇڏي، هن الزام لڳايو آهي ته سنڌ حڪومت عدالتي جاچ جي نالي تي معاملي کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، مير حسين ۽ سندس وڪيل جبران ناصر نئين جاچ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو آهي ته في الحال ڪيس ۾ عدالتي ڪميشن يا عدالتي جاچ جي ضرورت ناهي، ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن عامر فاروقي جي سربراهي ۾ قائم نئين جاچ ٽيم جو پهريون اجلاس اڄ ٿيو، جنهن ۾ اڳوڻي جاچ ٽيم جي ميمبرن سان گڏ مير رضا جو وڪيل ۽ والد پڻ شريڪ ٿيا، ميڊيا سان ڳالهائيندي جبران ناصر چيو ته اڄ پهريون ڀيرو وارثن کي بنا ڪنهن رڪاوٽ جي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ جو موقعو مليو، نئين جاچ ٽيم مير رضا علي جي والدين طرفان فراهم ڪيل سموري معلومات ۽ خدشن کي تفصيل سان نوٽ ڪيو آهي، پوليس کي سمورن شڪي ماڻهن ۽ ڪيس جي اهم نقطن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايندڙ ٽن کان چئن ڏينهن اندر جاچ جي رخ بابت صورتحال واضح ٿي ويندي، جبران ناصر جو چوڻ هو ته حڪومت طرفان مير رضا علي جي معاملي کي خودڪشي بدران قتل جو ڪيس تسليم ڪرڻ اهم اڳڀرائي آهي، خاندان کي عدليه تي مڪمل اعتماد آهي، پر في الحال ڪيس ۾ عدالتي جاچ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. جيڪڏهن نئين جاچ ٽيم به جاچ ۾ ناڪام رهي ته خاندان عدالت سان رابطو ڪندو، جبران ناصر ڪيس ۾ ڊي اين اي ۽ ٻين فرانزڪ نمونن جي ليبارٽري تائين نه پهچڻ وارين رپورٽن کي به ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو. هن چيو ته فرانزڪ نمونا موڪلڻ ۾ دير تي لاڳاپيل جاچ آفيسرن کي جواب ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن فرانزڪ شاهدين جي حفاظت ۾ غفلت ثابت ٿي ته ان جا سنگين نتيجا نڪري سگهن ٿا، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ڏانهن موڪليل خط ۾ پڻ مير رضا جي والد موقف اختيار ڪيو ته حڪومت جاچ کان پاسو ڪرڻ چاهي ٿي ۽ عدالتي ڪميشن جي پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، قانون تحت ڪنهن به فوجداري ڪيس جي جاچ جو اختيار پوليس وٽ آهي، تنهن ڪري موجوده معاملي ۾ به جاچ پوليس طرفان ئي ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ضرورت محسوس ٿي ته قانون موجب عدالت سان رابطو ڪيو ويندو، مير رضا علي جي والدين طرفان عدالتي جاچ جي تجويز رد ڪرڻ کان پوءِ صوبائي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار چيو ته سنڌ حڪومت ڪيس ۾ شفافيت يقيني بڻائڻ لاءِ عدالتي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو، پر وارثن پوليس جي نئين جاچ ٽيم تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، هاڻي عدالتي ڪميشن ملتوي ڪجي ٿي، مير رضا جي والد پوليس طرفان جوڙيل نئين جاچ ڪميٽي تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته ڊي آءِ جي عامر فاروقي سٺي شهرت رکندڙ آفيسر آهن ۽ اسان کي يقين آهي ته نئين جاچ ٽيم حقيقتون سامهون آڻيندي، ذريعن موجب مير رضا جي معدي ۾ تيزاب جي موجودگي جا ثبوت مليا آهن، ذريعن موجب مير رضا جا ڦڦڙا تيزاب سبب شديد متاثر ٿيا، مير رضا جي شرٽ تي تيزاب ۽ ڪنهن ٻئي شخص جي پگهر جا نشان پڻ مليا آهن، جڏهن ته سندس هٿن ۽ پيرن تي به تيزاب جي موجودگي جا اثر مليا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ ڀرسان موجود گيسٽ هائوس کي پوليس تالا لڳائي بند ڪري ڇڏيو، گيسٽ هائوس کي شڪي هجڻ سبب سيل ڪيو ويو، مير رضا قتل ڪيس سان لاڳاپيل گلستانِ جوهر جي گيسٽ هائوس جي ملڪيت بابت اهم دستاويز سامهون آيا آهن جن ۾ پوليس ويِريفڪيشن دوران جمع ڪرايل ڪرائي نامو پڻ شامل آهي، دستاويزن موجب گيسٽ هائوس لاءِ گهر لياقت نالي شخص ڪرائي تي حاصل ڪيو هو. گهر نمبر C-349 طاهره سلطانه جي ملڪيت آهي، پوليس ويِريفڪيشن جي رڪارڊ ۾ موجود ڪرائي نامي موجب گهر گيسٽ هائوس لاءِ ڪرائي تي ڏنو ويو هو. ڪرائي نامي تي ٻن شاهدن جا نالا پڻ درج آهن، جن ۾ جام علي ۽ عاصم شامل آهن، ڪراچي جي نوجوان واپاري مير رضا جي موت واري ڪيس ۾ شاهديون لڪائڻ يا ضايع ڪرڻ بابت نئين شق شامل ڪئي وئي، جاچ ذريعن موجب اغوا جي دفعا 365 ۽ قتل جي دفعا 302 کان پوءِ هاڻي ايف آءِ آر ۾ دفعا 201 پڻ شامل ڪئي وئي، ذريعن موجب اڳوڻي جاچ ڪميٽي جي سربراهه نئين ٽيم کي مڪمل بريفنگ ڏئي ڇڏي آهي ۽ موجود سمورا ثبوت ۽ فرانزڪ معلومات نئين ٽيم حوالي ڪئي وئي آهي.

You might also like