قائداعظم محمد علي جناح 11 آگسٽ 1947ع تي پنهنجي تاريخي تقرير ۾ ملڪ جي سڀني شهرين لاءِ برابري جي حقن، مذهبي آزادي ۽ رياستي معاملن ۾ مذهب جي عدم مداخلت تي زور ڏنو هو. اها تقرير پاڪستان جي قيام کان صرف ٽن ڏينهن اڳ ڪئي وئي هئي. قائداعظم چيو هو: ”توهان آزاد آهيو؛ توهان پنهنجي مندرن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو، توهان پنهنجي مسجدن يا ڪنهن به عبادتگاهه ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان جو تعلق ڪنهن به مذهب، ذات يا عقيدي سان هجي، ان جو رياست جي معاملن سان ڪو واسطو ناهي.“ پر سوال اهو آهي ته ڇا 11 آگسٽ، يومِ اقليت، رڳو حڪومتي پارٽي جي ڪارڪنن جي مخصوص روٽن تي سرڪاري ٽرانسپورٽ ۾ چڪر لڳائڻ، يا چند اين جي اوز جي پروگرامن ۾ مخصوص ماڻهن ۽ وزيرن جي شرڪت جو نالو آهي؟ پيپلز پارٽي شهباز ڀٽي جي تجويز کي پنهنجي سياسي فريم ۾ سجايو ۽ 11 آگسٽ کي اقليتن لاءِ تحفي طور پيش ڪيو. پر ڇا يومِ اقليت جو مطلب پاڪستان جي آزاديءَ جي جدوجهد کان الڳ ڪا سڃاڻپ پيدا ڪرڻ آهي؟ ڇا رڳو 11 آگسٽ ملهائڻ سان اقليتن کي برابري جا حق ملي ويندا آهن؟
جيڪڏهن 14 آگسٽ قومي جشن جو ڏينهن آهي ته پوءِ 11 آگسٽ تي اقليتن کي الڳ ڪري اهو احساس ڇو ڏياريو وڃي ته اهي واقعي اقليت ۽ ٻئي درجي جا شهري آهن؟ آگسٽ جو مهينو ڪيترائي ڀيرا اقليتن لاءِ ڏکوئيندڙ ۽ خوفناڪ ثابت ٿيو آهي. پهرين آگسٽ 2009ع تي گوجره (ٽوبه ٽيڪ سنگهه) ۾ توهينِ مذهب جي الزام هيٺ هجوم مسيحي آبادي تي حملو ڪيو، جنهن ۾ 7 کان 8 ماڻهو زندهه سڙي فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي گهر ساڙي ڇڏيا ويا.
گوجره واقعي بابت عدالتي جاچ ۽ جي آءِ ٽي رپورٽن ۾ پوليس ۽ انتظاميا جي ناڪامي سامهون آئي. پوليس وقت سر ڪارروائي نه ڪئي، اشتعال انگيز اعلان روڪڻ ۾ ناڪام رهي ۽ ڪيترن معاملن ۾ غيرجانبداري جو مظاهرو ڪيو. ساڳي صورتحال جڙانواله 2023ع ۾ به ڏسڻ ۾ آئي، جتي وڊيوز موجب پوليس جي موجودگي باوجود حملن کي روڪڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا نه ڪيو ويو. بعد ۾ گرفتاريون ضرور ٿيون، پر متاثر ڌريون اڄ به شڪايت ڪن ٿيون ته اصل جوابدارن تائين پهچ نٿي ٿئي ۽ ڪيس ڪمزور ٿي وڃن ٿا.
16 آگسٽ 2023ع تي جڙانواله (فيصل آباد) ۾ ٻن مسيحي ڀائرن تي الزام لڳايو ويو، جنهن کان پوءِ هجوم 19 کان 26 گرجا گهرن کي نقصان پهچايو ۽ 80 کان وڌيڪ گهرن کي لٽي ساڙي ڇڏيو. 12 آگسٽ 2023ع تي ربوهه ۾ هڪ احمدي شهري کي قتل ڪيو ويو. جڏهن ته 14 آگسٽ 2025ع تي فيصل آباد جي علائقي ۾ آزاديءَ جي ڏينهن جي جلوس جي آڙ ۾ لڳ ڀڳ 300 ماڻهن ٻن احمدي عبادتگاهن تي حملو ڪيو، مينار ڊاهي ڇڏيا ۽ هڪ عبادتگاهه کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. انهن واقعن ۾ اڪثر توهينِ مذهب جا الزام محرڪ بڻيا. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز پنهنجي عهدو سنڀالڻ بعد چيو هو ته ”اقليتون منهنجي سر جو تاج آهن.“ پر سوال اڄ به موجود آهي ته ڇا راولپنڊي ۾ ڊولفن فورس جي گولين جو شڪار ٿيندڙ عليان جانسن به سر جو تاج هو؟ ڇا پتوڪي ۾ پاڻي پيئڻ جي الزام هيٺ قتل ڪيل مسيحي مزدور به سر جو تاج هو؟ ڇا پسرور ۾ تشدد جو نشانو بڻيل صفائي ورڪر نعمان مسيح به سر جو تاج هو؟ ۽ ڇا ارشد مسيح، جنهن جو گهر چرچ جي بيٽري چوري ٿيڻ جي شڪايت ڪرڻ سبب ساڙيو ويو، اهو به سر جو تاج هو؟
حقيقت اها آهي ته اقليتن کي برابري جا حق ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، انهن لاءِ مقرر ڪيل پنج سيڪڙو ملازمتن جي ڪوٽي ۽ تعليمي ڪوٽي تي به مڪمل عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي. ان سان گڏ مخصوص سيٽن تي اهڙا نمائندا ويهاريا ويندا آهن، جيڪي گهڻو ڪري حڪومتي بيانيي جي ترجماني ڪندا آهن ۽ جن ماڻهن جي نمائندگي ڪرڻي هوندي آهي، انهن سان رابطو ڪرڻ کان به ڪيٻائيندا آهن.
2024ع جي عام چونڊن دوران پي ٽي آءِ اميدوارن کي پارٽي نشان کان محروم ڪيو ويو، جنهن سبب اهي آزاد اميدوار طور چونڊ وڙهيا ۽ وڏي تعداد ۾ ڪامياب ٿيا. مخصوص سيٽون رڳو سياسي پارٽين کي عام سيٽن جي تناسب سان ملنديون آهن. پي ٽي آءِ انهن آزاد اميدوارن کي سني اتحاد ڪائونسل ۾ شامل ڪري مخصوص سيٽون حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اليڪشن ڪميشن اها درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ سيٽون ٻين پارٽين کي ڏنيون ويون. جولاءِ 2024ع ۾ سپريم ڪورٽ جي هڪ بينچ پي ٽي آءِ جي حق ۾ فيصلو ڏنو، پر 2025ع ۾ آئيني بينچ اهو فيصلو رد ڪندي مخصوص سيٽون ٻيهر ٻين پارٽين حوالي ڪري ڇڏيون.
موجوده صورتحال ۾ اقليتي مخصوص سيٽن تي به اهو ئي تڪرار جاري رهيو، جيڪو عورتن جي مخصوص سيٽن تي ڏٺو ويو. خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ حڪومت هجڻ باوجود مخصوص سيٽن کان محرومي ڪيترن ماڻهن ۾ اهو تاثر پيدا ڪيو ته نظام چونڊيل اڪثريت بدران ٻين عنصرن کان متاثر آهي. هي معاملو اڄ به سياسي ۽ قانوني بحث جو حصو آهي، ۽ اقليتي برادرين لاءِ به ان جو مطلب اهو آهي ته سندن نمائندگي سڌي طرح سندن ووٽن بدران پارٽين جي اندروني فيصلن ۽ عدالتي نتيجن تي دارومدار رکي ٿي.
11 آگسٽ کي يومِ اقليت قرار ڏيارڻ ۾ شهباز ڀٽي جو اهم ڪردار هو. هن قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع واري تقرير کي بنياد بڻائي اهو ڏينهن اقليتن جي حقن جي ياد ۾ ملهائڻ جي تجويز ڏني. 2009ع ۾ پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت، جنهن جي سربراهي صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ڪري رهيا هئا، ان تجويز کي سرڪاري حيثيت ڏني. اڄ پيپلز پارٽي گهڻو ڪري سنڌ تائين محدود ٿي چڪي آهي، جڏهن ته قومي سياسي منظرنامو تبديل ٿي ويو آهي. تنهن ڪري ڪجهه حلقن جو خيال آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي قرارداد ذريعي 11 آگسٽ يومِ اقليت کي ختم ڪري 14 آگسٽ کي ئي قومي يڪجهتي، آزادي، مشاعرن، مباحثن ۽ سڀني شهرين جي گڏيل قومي سڃاڻپ جي ڏينهن طور ملهائڻ گهرجي.