ميرٽ جي بحالي لاءِ نوجوانن جو احتجاج، اڄ اي پي سي ٿيندي

حيدرآباد ( رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي احتجاجي ڪيمپ کي 18 ڏينھن  پورو ٿيا ، شاگردن سان سنڌ جي اديبن دانشورن ۽ سياسي اڳواڻن جي وفدن ملاقات ڪري کين پنھنجي طرفان حمايت جو يقين ڏياريو. سنڌ اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن فخرالزمان ڪلھوڙو، سڪيلڌو چانڊيو، زيب الله مستوئي، وجاھت ھنڱورو، حنيف جوکيو ، حسين بخش چانڊيو ، اياز گل رستماڻي، فرمان علي ملغاڻي اڄ اڳاري ڏينھن آل پارٽيز اسٽوڊنٽس ڪانفرنس جي سلسلي ۾ شاگرد اڳواڻن سان رابطا ڪري کين شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني. اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪانفرنس ھڪ ڏينھن اڳتي ڪري 11 آگسٽ تي اڱاري ڏينھن اڄ رکي وئي آھي ڪانفرنس ھي ڪانفرنس  ٿڌي سڙڪ تي لڳل ڪيمپ وٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي آفيس سامھون شام جو 5 وڳي ٿيندي آل پارٽيز اسٽوڊنٽس ڪانفرنس جا سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن

You might also like