ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ اسڪاٽلينڊ ۽ رائل ڊچ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (ڪي اين سي بي) 2027ع واري مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فارميٽ ۾ ٽورنامينٽ کان 18 مهينن کان به گهٽ وقت اڳ تبديلي ڪرڻ تي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
گذريل مهيني آءِ سي سي اجلاس ۾ ”سپر سيريز“ جو فارميٽ متعارف ڪرايو هو، جنهن ۾ ڪواليفاءِ ڪندڙ 12هين، 13هين ۽ 14هين ٽيمن وچ ۾ ٽه ملڪي سيريز ٿيندي، جنهن مان رڳو هڪ ٽيم ورلڊ ڪپ جي ٻئي مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪندي.
ٻئي مرحلي ۾ 12 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو.
فارميٽ ۾ تبديلي جي اعلان کانپوءِ ڪرڪيٽ اسڪاٽلينڊ، ڪي اين سي بي ۽ ٻين ايسوسيئيٽ بورڊز آءِ سي سي سان ٻه ملاقاتون ڪيون، جن ۾ تبديلين بابت باضابطا لکت ۾ ڄاڻ ۽ ان عمل بابت وڌيڪ وضاحت طلب ڪئي وئي.
هاڻي گڏيل بيان ۾ ٻنهي بورڊز چيو ته ٻي ملاقات کي ٻن هفتن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، پر آءِ سي سي طرفان اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو ويو، جنهن کي ٻنهي بورڊن ”مايوس ڪندڙ ۽ بي عزتي وارو رويو“ قرار ڏنو.
ٻنهي بورڊز چيو ته ”اهي تبديليون ايسوسيئيٽ ميمبرن جي ڪرڪيٽ لاءِ هڪ ڌچڪو آهن ۽ گذريل ڪجهه سالن دوران عالمي ڪرڪيٽ کي وڌائڻ لاءِ ٿيل اڳڀرائي کي نقصان پهچائڻ جو خطرو رکن ٿيون.“
هنن چيو ته اهڙي وقت ۾، جڏهن ڪرڪيٽ پنهنجي پهچ وڌائڻ، نوان مداح پيدا ڪرڻ ۽ عالمي راندين جي منظرنامي ۾ پنهنجي حيثيت مڃائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اُڀرندڙ ملڪن لاءِ بامقصد موقعا گهٽائڻ غلط پيغام ڏئي ٿو.
ڪرڪيٽ اسڪاٽلينڊ ۽ ڪي اين سي بي چيو ته هو آءِ سي سي ۽ ٻين ميمبرن سان گڏجي عالمي ڪرڪيٽ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تعميري سهڪار جاري رکڻ لاءِ پرعزم آهن، پر انهن تبديلين جي اثرن ۽ انهن کي متعارف ڪرائڻ واري طريقيڪار بابت کين ”سخت خدشا“ آهن.
هنن وڌيڪ چيو ته تبديلين کانپوءِ ڪرڪيٽ اسڪاٽلينڊ، ڪي اين سي بي ۽ ٻين ايسوسيئيٽ ميمبرن آءِ سي سي سان ٻه ملاقاتون ڪيون ۽ مستقبل جي فيصلا سازي کي مضبوط بڻائڻ، آپريشنل عمل ۾ بهتري ۽ فل ميمبرن سان ٻه طرفي منصوبابندي وارين گڏجاڻين ۾ ايسوسيئيٽ ميمبرن کي شامل ڪرڻ جي درخواست ڪئي.
گذريل مهيني نميبيا، نيڌرلينڊز ۽ اسڪاٽلينڊ جي ڪپتانن پڻ ورلڊ ڪپ جي فارميٽ ۾ تبديلي تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا هئا.
اسڪاٽلينڊ ۽ نيڌرلينڊز جي گڏيل بيان ۾ چيو ويو ته ايسوسيئيٽ ميمبرن کي فارميٽ ۾ تبديلي بابت مناسب وقت کان اڳ اطلاع نه ڏنو ويو.
بيان موجب، ”اهي تبديليون عالمي ڪرڪيٽ جي سالميت ۽ اعتبار کي ڪمزور ڪرڻ جو خطرو رکن ٿيون ۽ مضبوط حڪمراني، شفاف فيصلا سازي ۽ ميمبرن سان اثرائتي رابطي جي اهميت کي وڌيڪ اجاگر ڪن ٿيون.“
ٻنهي بورڊز چيو ته اهڙي اهميت وارا فيصلا، خاص طور تي اهي جيڪي سڌيءَ ريت ايسوسيئيٽ ميمبرن کي متاثر ڪن ٿا، بامقصد صلاح مشوري ۽ مناسب وقت ڏيڻ کانپوءِ واضح طريقيڪار تحت ٿيڻ گهرجن.
هنن چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ 18 مهينن کان به گهٽ وقت رهڻ دوران فارميٽ ۾ تبديلي متاثر ميمبرن کي عمل ۾ حصو وٺڻ يا پنهنجي رٿابندي تبديل ڪرڻ لاءِ محدود موقعو فراهم ڪيو آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته ميمبر ملڪ ۽ سندن رانديگر ورلڊ ڪپ لاءِ سالن تائين تياريون ڪندا آهن، تنهنڪري ڪواليفڪيشن واري عمل دوران بنا صلاح مشوري جي ڍانچي تبديل ڪرڻ سان غيريقيني صورتحال پيدا ٿيندي، منصوبابندي متاثر ٿيندي ۽ محدود وسيلن سان ڪم ڪندڙ ادارن تي واڌو مالي ۽ انتظامي دٻاءُ وڌندو.
ٻنهي بورڊز جو چوڻ هو ته ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو موقعو ايسوسيئيٽ ميمبرن لاءِ سيڙپڪاري وڌائڻ، رانديگرن کي متاثر ڪرڻ، تجارتي ڀائيوار ۽ حڪومتي سهڪار حاصل ڪرڻ ۽ مداحن لاءِ يادگار لمحا پيدا ڪرڻ جو انوکو موقعو هوندو آهي.
هنن چيو ته آءِ سي سي جي ڪيترن ئي ٽورنامينٽس جا يادگار لمحا ايسوسيئيٽ ميمبرن طرفان فل ميمبر ٽيمن کي چئلينج ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن شڪست ڏيڻ سان واڳيل آهن، جيڪي ان اصول کي مضبوط ڪن ٿا ته ڪاميابي ميدان تي حاصل ڪئي ويندي آهي.
گڏيل بيان ۾ آءِ سي سي تي زور ڏنو ويو ته هو ايسوسيئيٽ ميمبرن سان ٻيهر رابطو ڪري، انهن جي خدشن ۽ درخواستن تي غور ڪري ۽ عالمي ڪرڪيٽ جي ڊگهي مدي وارن مفادن بابت سڀني ميمبرن سان کليل نموني ڳالهه ٻولهه ڪري.
You might also like