حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) دانشور ۽ ليکڪ جامي چانڊيو جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) بشير خان گروپ جي صدر نياز ڪالاڻي سميت سمورن گرفتار سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ جامي چانڊيو جسقم جي صدر نياز ڪالاڻي سميت سمورن گرفتار سياسي ڪارڪنن جي گرفتارين جي مذمت ڪئي.
هن چيو ته سنڌي ڀلي ٻارنهن مهينا ذاتين ۽ گروهن ۾ ورهايل يا هڪ ٻئي جي خلاف هجن، پر قوم تي ڏکيو يا خطري جو وقت ايندو آهي ته سڀ ڳالهيون وساري سياسي طور هڪ قوم ٿي بيهي رهندا آهن ۽ اها ئي سندن اصل سگهه آهي.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي وحدت جي ضمانت سنڌين جي ان سوال تي غير مشروط ٻڌي ۽ پرامن عوامي جمهوري مزاحمت هوندي.
هن وڌيڪ چيو ته ”سنڌ مان جنهن کي به جتي به، سڏيندئو ته اهو هڪ ئي بيانيو کڻي ايندو ته ”سنڌ اسان جو ناقابلِ تقسيم تاريخي وطن آهي.“