ڳڻتي جوڳي صورتحال! ملڪ جي 20 سيڪڙو شهرين کي جگر ۽ معدي جون بيماريون

لاهور(ويب ڊيسڪ)ملڪ ڀر ۾ غير معياري ۽ ناقص خوراڪ جي استعمال سبب لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو شهري جگر ۽ معدي جي مختلف بيمارين ۾ مبتلا آهن.

تفصيلن موجب عالمي سطح تي ڪيل هڪ محتاط سروي مان خبر پئي آهي ته پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ لڳ ڀڳ 2 ارب ماڻهو ناقص خوراڪ جي ڪري مختلف بيمارين جو شڪار ٿين ٿا. انهن ۾ اوڀر يورپ، آفريقي ملڪن ۽ برصغير جا ملڪ سڀ کان مٿي آهن.

ماهرن موجب انهن ملڪن ۾ دل جون بيماريون، جگر جون بيماريون ۽ معدي جون تڪليفون وڏي پيماني تي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. ٻئي پاسي پاڪستان ۾ هن وقت نوجوان نسل جو لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو حصو چيلهه جي سور ۽ جوڙن جي سور جهڙين تڪليفن ۾ مبتلا آهي.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هر پنجن مان هڪ ماڻهو جگر يا معدي جي بيماري جي شڪايت ڪندو رهي ٿو.

ان حوالي سان ڊاڪٽر شيراز ملڪ چيو آهي ته انساني جسم کي مختلف قسمن جي توانائي ۽ غذائي جزن جي ضرورت هوندي آهي، جيڪي رڳو خالص، صاف سٿري ۽ معياري خوراڪ جي استعمال سان ئي مناسب مقدار ۾ حاصل ٿي سگهن ٿا.

You might also like