اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، اسحاق ڊار پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪي وچ ۾ تازو طئي ٿيل مڪي گڏيل دفاعي معاهدي جا اهم تفصيل ايراني پرڏيهي وزير سان شيئر ڪيا.
پرڏيهي وزارت موجب، عباس عراقچي سان ڳالهه ٻولهه دوران اسحاق ڊار مڪي معاهدي جي ”انهن مقصدن جي وضاحت ڪئي، جيڪي اسٽريٽجڪ سهڪار کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سان لاڳاپيل آهن.“
بيان موجب، معاهدي جي اهم نقطن کان آگاهه ڪرڻ تي ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ڪيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ”ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جنهن ۾ خاص طور تي خطي ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال ۽ امن ۽ استحڪام جي واڌاري لاءِ ڪوششن تي ڌيان ڏنو ويو.“
You might also like