مسعود پزشڪيان ايراني سپريم ليڊر جي صحت بابت اهم اپڊيٽ ڏئي ڇڏي

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان جو چوڻ آهي ته رهبرِ اعليٰ مجتبيٰ خامنه اي سان سندس تازي ملاقات اٽڪل 7 ڪلاڪن تائين جاري رهي جنهن ۾ ملڪ جي موجودا صورتحال سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، مقامي صحافين سان ڳالهائيندي ايراني صدر چيو ته ”عوام جي معاشي صورتحال، روزگار، رهائش، پابنديون، حڪومت ۽ عوام طرفان مزاحمت جو طريقو ۽ اتحاد ۽ ايڪي جو تحفظ“ ملاقات جا اهم موضوع هئا.
پزشڪيان اهو به چيو ته ملاقات دوران سپريم ليڊر ”اتحاد ۽ ايڪي جي تحفظ“ تي زور ڏنو ۽ خبردار ڪيو ته ”دشمن جو سمورو منصوبو اختلاف ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ تي کتل آهي.“
هن وڌيڪ چيو ته ”هو جسماني طور مڪمل صحت مند هو.“
مجتبيٰ خامنه اي سان ملاقات جي خبر سڀ کان پهرين رهبرِ اعليٰ جي سرڪاري ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي هئي.
ياد رهي ته رهبرِ اعليٰ جي عهدي تي مقرر ٿيڻ کانپوءِ مجتبيٰ خامنه اي جي ڪا آواز يا تصوير جاري ناهي ڪئي وئي ۽ مسعود پزشڪيان کانسواءِ ڪنهن ٻئي سرڪاري عهديدار به ساڻس روبرو ملاقات جو ذڪر ناهي ڪيو.
ايراني صدر پهريون ڀيرو 6 مئي تي چيو هو ته سندس مجتبيٰ خامنه اي سان اڍائي ڪلاڪ ڊگهي ملاقات ٿي هئي.

You might also like