رانچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهارکنڊ ۾ پوليس ڀرتين جي امتحانن ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندڙ هزارين شاگرد، اميدوار ۽ رضاڪار پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ رياستي راڄڌاني رانچي ۾ اسيمبلي جي عمارت ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، جن تي پوليس طرفان تشدد ڪيو ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، گذريل ٻن هفتن کان مظاهرين جهارکنڊ جي سرڪاري امتحاني نظام ۾ سڌارن جو مطالبو ڪندي احتجاج ڪري رهيا آهن.
مقامي اختيارين موجب، سومر ڏينهن احتجاج ڪندڙن پوليس جون رنڊڪون اُڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس هجوم کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن، لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جو استعمال ڪيو.
رانچي شهر جي سپرنٽنڊنٽ پوليس پارس رانا ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گهڻا مظاهرين پرامن هئا، تنهن هوندي به هن هڪ ننڍڙي گروهه تي رنڊڪون ٽوڙڻ ۽ پوليس اهلڪارن تي پٿراءُ ڪرڻ جو الزام لڳايو.
سندس چوڻ هو ته ٽي پوليس اهلڪار زخمي ٿيا آهن. هن چيو ته ”اٽڪل 90 سيڪڙو شاگرد پرامن آهن، پر ڪجهه اهڙا آهن، جيڪي پنهنجن نمائندن جي ڳالهه به نٿا ٻڌن.“
هن چيو ته جيئن ته احتجاج ڪندڙ شاگرد هئا، تنهن ڪري پوليس صبر جو مظاهرو ڪيو ۽ تمام ٿوري وقت لاءِ گهٽ ۾ گهٽ طاقت جو استعمال ڪيو.
پارس رانا شاگردن کي پرامن رهڻ جي اپيل ڪندي چيو ته سندن مطالبا حڪومت تائين پهچايا پيا وڃن.
هي احتجاج اهڙي وقت ٿي رهيو آهي، جڏهن ڪجهه هفتا اڳ امتحاني پرچا ليڪ ٿيڻ خلاف جاري وڏي پيماني جي احتجاج دوران هزارين نوجوان ڀارتي شاگردن دهلي ۾ پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
ڀارت جي ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي)، جيڪا ڪا سياسي جماعت ناهي، 25 جولاءِ تي پنجن هفتن کان جاري پنهنجو احتجاج ان وقت ختم ڪيو، جڏهن تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.
سي جي پي کي ملڪ جي مختلف رياستن ۾ موجود شاگردن جي حمايت حاصل ٿي هئي.
جهارکنڊ ۾ مظاهرين 25 جولاءِ کان رانچي جي هڪ اسٽيڊيم ۾ احتجاج ڪري رهيا آهن. انهن مان ڪجهه کليل آسمان هيٺ رات گذاري رهيا آهن، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو بک هڙتال پڻ ڪري چڪا آهن.
حڪومت سان ڪيترن ئي مرحلن ۾ ڳالهين ۽ ڪيترن ئي مطالبن کي مڃڻ باوجود مظاهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين سندن سمورا مطالبا پورا نه ٿيندا، احتجاج جاري رهندو.
جهارکنڊ ۾ مخالف ڌر جي جماعت ڀارتيه جنتا پارٽي (بي جي پي) مظاهرين جي حمايت ڪئي آهي، احتجاجي مظاهرا ڪيا آهن، معاملو رياستي اسيمبلي ۾ اٿاريو آهي ۽ وفاقي سطح تي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪانگريس، جيڪا رياستي حڪومت جي اتحادي آهي پر قومي سطح تي بي جي پي جي مخالف سمجهي وڃي ٿي، پڻ شاگردن جي مطالبن جي حمايت جو اظهار ڪيو آهي.
You might also like