رت جي انفيڪشن ۽ ڪينسر جي وڌندڙ واقعن جو سبب فارمي مرغي، ماهرن جو وڏو انڪشاف

برطانيا جي سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته جديد تجارتي بنيادن تي ٿيندڙ ڪڪڙن جي پالنا هڪ اهڙي خطرناڪ بيڪٽيريا جي پکڙجڻ ۾ واڌ ڪري رهي آهي، جيڪو کاڌي جي زهريلي ٿيڻ، سيپسس يعني رت ۾ شديد انفيڪشن ۽ ڪجهه حالتن ۾ آنڊن جي ڪينسر سان پڻ لاڳاپيل آهي.

آڪسفورڊ يونيورسٽي جي تحقيق موجب گذريل 35 سالن دوران واپاري بنيادن تي پاليل ڪڪڙين ۾ ڪيمپائلوبيڪٽر نالي بيڪٽيريا جي پکڙجڻ ۾ لڳ ڀڳ 100 ڀيرا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

ماهرن موجب خراب يا صحيح نموني نه پچيل ڪڪڙ جي گوشت ۾ موجود اهو بيڪٽيريا برطانيا ۾ بيڪٽيريا سبب ٿيندڙ کاڌي جي زهريلي ٿيڻ جو سڀ کان وڏو سبب آهي، جتي گذريل سال ان جا لڳ ڀڳ 70 هزار ڪيس رپورٽ ٿيا.

تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيتوڻيڪ گهڻا مريض هڪ هفتي اندر صحتياب ٿي وڃن ٿا، پر ڪجهه حالتن ۾ اهو انفيڪشن موتمار پڻ ثابت ٿي سگهي ٿو. ان کانسواءِ ان بيڪٽيريا جي انفيڪشن کي آنڊن جي ڪينسر جي پکڙجڻ سان پڻ ڳنڍيو ويو آهي.

کاڌي جي صفائي بابت سرٽيفڪيٽ جاري ڪندڙ اداري موجب برطانيا ۾ هر سال لڳ ڀڳ 100 ماڻهو ڪيمپائلوبيڪٽر جي انفيڪشن سبب فوت ٿين ٿا.

سرڪاري انگن اکرن موجب هن بيماري جا ڪيس، جن ۾ دست، الٽي ۽ پيٽ ۾ سور جهڙيون علامتون ظاهر ٿين ٿيون، 2016ع کان پوءِ لڳ ڀڳ هڪ ڀاڱي ٽي وڌي چڪا آهن.

نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز جي سائنسي رسالي ۾ ڇپيل تحقيق جي ليکڪن جو چوڻ آهي ته ڪارخاني جي طرز تي ٿيندڙ پولٽري فارمنگ ڪڪڙين ۾ هن بيڪٽيريا کي تيزيءَ سان پکڙجڻ جو موقعو فراهم ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهو بيڪٽيريا سپر مارڪيٽن تائين پهچندڙ ڪڪڙين ۾ به موجود رهي ٿو.

تحقيق ڪندڙن موجب هي اڀياس ان ڳالهه جو نئون ثبوت فراهم ڪري ٿو ته انساني سرگرمين سبب ماحول ۾ ايندڙ تبديليون وچڙندڙ بيمارين جي پکڙجڻ ۾ واڌ جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.

You might also like