نيشنل چيمپئنز ڪپ ٽرافي جي مهورت، پاڪستان گرِينز جو ڪپتان شاداب خان تقريب ۾ نه آيو!

ملتان (ويب ڊيسڪ) نيشنل چيمپئنز ڪپ جي ٽرافي جي مهورتي تقريب ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿي،جنهن چئني ٽيمن جي ڪپتانن شرڪت ڪئي.
ٽرافي جي مهورتي تقريب ۾ پاڪستان گولڊ جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي، پاڪستان بلوز جي ڪپتان صاحبزاده فرحان، پاڪستان وائٽس جي ڪپتان صائم ايوب ۽ پاڪستان گرِينز جي نمائندگي ڪندڙ فهيم اشرف شرڪت ڪئي.
گرِينز جو ڪپتان شاداب خان تقريب ۾ موجود نه هو.
نيشنل چيمپئنز ڪپ ۾ پاڪستان گرِينز، پاڪستان وائٽس، پاڪستان بلوز ۽ پاڪستان گولڊ جون ٽيمون سنگل رائونڊ رابن فارميٽ تحت هڪ ٻئي خلاف هڪ، هڪ ميچ کيڏنديون.
ليگ مرحلي جي پڄاڻي تي پوائنٽس ٽيبل جون ٽاپ ٻه ٽيمون 18 آگسٽ تي شيڊيول فائنل ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪنديون.
ٽورنامينٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي 2027ع واري ورلڊ ڪپ جي تيارين ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جنهن ۾ تجربيڪار قومي رانديگرن سان گڏ اڀرندڙ ٽيلنٽ کي به پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪرڻ جو موقعو ملندو.
پي سي بي چئني ٽيمن لاءِ مجموعي طور 44 رانديگر چونڊيا آهن، جڏهن ته 13 ريزرو رانديگرن جو پول پڻ جوڙيو ويو آهي. ريزرو رانديگر رڳو انجري يا مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ ٽيم جي ڪنهن رانديگر جي جاءِ والاري سگهندا.

You might also like