واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي چونڊ مهم ۽ وائيٽ هائوس جي سوشل ميڊيا اڪائونٽس تان شيئر ڪيل ڪجهه وڊيوز ۾ استعمال ٿيندڙ مشهور گلوڪارا ٽيلر سوئفٽ جا گانا هٽايا ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، سوئفٽ جي موسيقي ماضي ۾ ٽرمپ جي چونڊ مهم ۽ وائيٽ هائوس جي ڪيترين ئي وڊيوز جو حصو بڻجي رهي آهي، تنهن هوندي به تازي اڳڀرائي کانپوءِ انهن گانن جي استعمال بابت سوال اٿڻ شروع ٿي ويا آهن.
رپورٽ موجب، وائيٽ هائوس ۽ ٽيلر سوئفٽ جي نمائندن طرفان ان معاملي تي اڃا تائين ڪا باضابطا وضاحت جاري ناهي ڪئي وئي.
اهو پڻ واضح نه ٿي سگهيو آهي ته وڊيوز مان گانا هٽائڻ جو فيصلو ڪهڙي سبب ڪيو ويو ۽ ڇا گلوڪارا يا سندس ٽيم انهن جي استعمال تي ڪو اعتراض واريو هو.
ياد رهي ته ٽيلر سوئفٽ ۽ ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ سياسي اختلاف ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهن.
رپورٽن موجب، 2024ع جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ سوئفٽ ٽرمپ جي مخالف ڊيموڪريٽڪ اميدوار ڪملا هيرس جي حمايت ڪئي هئي، جڏهن ته 2020ع جي چونڊ مهم دوران پڻ هن سوشل ميڊيا تي ٽرمپ جي پاليسين کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.