عدالت عظميٰ بخاري کي طلب ڪري ورتو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت فِيڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري ڪيس ۾ سڌ سماءُ واري صوبائي وزير عظميٰ بخاري کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ صوبائي وزير عظميٰ بخاري جي فِيڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ايڊيشنل سيشن جج نصرت علي صديقي فيصلو ٻڌايو.
عدالت عظميٰ بخاري جي وڊيو لنڪ ذريعي بيان قلمبند ڪرائڻ واري درخواست رد ڪندي صوبائي وزير کي ايندڙ ٻڌڻي تي بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي.
عظميٰ بخاري جڊيشل مئجسٽريٽ طرفان ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي بيان رڪارڊ ڪرائڻ واري فيصلي کي چئلينج ڪيو هو.
صوبائي وزير فلق جاويد خلاف اين سي سي آءِ اي ۾ ڪيس داخل ڪرائي رکيو آهي.

 

You might also like