تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزا بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ”بورڊ آف پيس“ جي 15 نڪاتي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
اسرائيلي ميڊيا موجب، نيتن ياهو غزا پيس بورڊ جي 15 نقطن واري دستاويز کي رد ڪندي چيو ته اسرائيلي فوج غزا مان تيستائين نه نڪرندي، جيستائين حماس کي حقيقي طور بي هٿيار نٿو ڪيو وڃي.
نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسرائيل حماس جي رڳو ظاهري يا فرضي ڪمزوري نه، پر ان جي حقيقي فوجي صلاحيتن جو مڪمل خاتمو چاهي ٿو.
اسرائيلي وزيراعظم چيو ته ان معاملي تي آمريڪا سان ڳالهيون جاري آهن، آمريڪي اختيارين طرفان ڏنل ڪجهه تجويزون قبول ڪرڻ جوڳيون آهن، جڏهن ته ڪجهه تجويزن سان اتفاق نٿو ڪري سگهجي.
واضح رهي ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ غزا لاءِ 15 نڪتاني امن منصوبو پيش ڪيو هو، جنهن بابت سندس چوڻ هو ته اهو منصوبو خطي کي جنگبندي جي صورتحال مان ڪڍي معاشي بهتري ڏانهن وٺي وڃي سگهي ٿو.