رونالڊو شادي ٿو ڪري؟ فٽبالر جا هزارين چاهيندڙ چرچ ٻاهران پهچي ويا

ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي شادي بابت گردش ڪندڙ افواهن ۽ مداحن طرفان انهن کي سچ سمجهڻ واري صورتحال تي دلچسپ ردعمل ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سوشل ميڊيا ۽ مختلف ميڊيا رپورٽن ۾ افواهه گردش ڪري رهي هئي ته ڪرسٽيانو رونالڊو پنهنجي ڊگهي عرصي کان ساٿي جارجينا روڊريگيز سان ڇنڇر ڏينهن پرتگال جي ٻيٽ ميڊيرا جي شهر فنشال ۾ شادي ڪرڻ وارو آهي.
رونالڊو جي ڪٽنب طرفان شادي جي ترديد به ڪئي وئي، پر ان باوجود سوين مداح پنهنجي پسنديدا فٽبالر جي شادي ڏسڻ جي اميد ۾ فنشال جي مرڪز ۾ واقع تاريخي ”سي ڪيٿيڊرل“ ٻاهران گڏ ٿي ويا.
مداح هٿن ۾ موبائل فون ۽ ڪيمرا کڻي ڪلاڪن تائين چرچ ٻاهران موجود رهيا، پر ٿوري ئي دير ۾ حقيقت سامهون اچي وئي ته اتي رونالڊو ۽ جارجينا جي نه، پر ڪنهن ٻئي جوڙي جي شادي هئي.
ڪيٿيڊرل ۾ نڪول نالي عورت پنهنجي ٿيندڙ مڙس فابيون سان شادي لاءِ پهتي، جڏهن ته فابيون اڳ ئي اتي موجود هو. وڏي انگ ۾ مداحن ۽ صحافين جي موجودگي سبب ڪنوار کي چرچ اندر داخل ٿيڻ ۾ به ڏکيائي پيش آئي.
”سي ڪيٿيڊرل“انتظاميا پنهنجي آفيشل فيس بڪ پيج تي جوڙي کي واڌايون ڏيندي ٻڌايو ته روڊ تي وڏي انگ ۾ صحافين ۽ سياحن سبب ڏاڍو مونجهارو پيدا ٿيو، جنهن کانپوءِ نيٺ چرچ بند ڪري شادي ڪرائي وئي.
چرچ طرفان هڪ ٻي پوسٽ ۾ چيو ويو ته”سي ڪيٿيڊرل“ ٻاهران اهڙو منظر اڳ ڪڏهن به نه ڏٺو ويو ۽ ڪنوار لاءِ شادي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ چرچ اندر داخل ٿيڻ انتهائي ڏکيو ٿي ويو.
ٻئي پاسي شادي جي تقريب ۾ شريڪ مهمانن به صورتحال جو مزاحيه انداز ۾ ذڪر ڪيو. هڪ مهمان مقامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پاڻ کي ”سليبريٽي“ محسوس ڪري رهيا آهيون.
مهمان حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ماڻهو ڪيئن سوچي سگهن ٿا ته رونالڊو ان ڏينهن بنا سيڪيورٽي جي هتي شادي ڪندو.
هوڏانهن ڪرسٽيانو رونالڊو به ان دلچسپ صورتحال تي خاموشي ٽوڙيندي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ جي ڪمينٽ ۾ کلندڙ ڳوڙهن وارن ايموجيز ذريعي ردعمل ڏنو.

You might also like