ابتي ڳڻپ پ پ نه پر حڪومت اندران ئي شروع ٿي آهي:نيئر بخاري

اسلام آباد(بيورو)پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري چيو آهي ته پ پ قيادت سان نون صوبن جي معاملي تي مشاورت نه ڪئي وئي،نون صوبن جي ڳالهه ڪندڙ وزير پهرين وزيراعظم کي ته اعتماد ۾ وٺي،هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم پاران ان معاملي تي ڪو به بيان سامهون ناهي آيو،هڪ وزير چيو ته نظام ويهي رهيو ته پوءِ ان جو متبادل به ٻڌائي،آئين تي عملدرآمد نه هئڻ کي سسٽم کي ويهڻ قرار نٿو ڏئي سگهجي،وزيراعظم جي مشاورت کان بغير گهرو وزير ۽ دفاع واري وزير نون صوبن بابت بيان ڏنا،ابتي ڳڻپ پ پ شروع ناهي ڪئي بلڪه حڪومت اندران ئي شروعات ٿي،

You might also like