حڪومت جي سمورين ناڪامين ۽ سسٽم جي ڊهي پوڻ باوجود حڪومت اها ئي رهندي؟

لاهور(عمران شفقت)سينئر صحافي ۽ ڪالم نگار سهيل وڙائچ لکيو آهي ته سسٽم ناڪام ٿي چڪو آهي پر حڪومت اها ئي رهندي. هي سسٽم ڏهه سال به هلي ته ڪجهه نه بدلجندو، پر هيءَ حڪومت پنج سال پورا ڪندي. شهباز شريف 18 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو، ملڪ جو نظام بهتر نٿو ٿئي پر وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت پنهنجو مدو پوري ڪندي. معيشت هلي ٿي نه سياست، پر حڪومت اها ئي رهندي. پاڪستان 75 سالن کان ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ۽ نه هاڻي ڪجهه ڪري سگهي ٿو، پر حڪومت کان ڪا شڪايت ناهي، حڪومت اها ئي رهندي. شهباز شريف 13 سال وڏو وزير رهيو ۽ هاڻي 4 سالن کان وزيراعظم آهي؛ انهن 17 سالن ۾ ڪا وڏي تبديلي يا انقلاب نه آيو، پر حڪومت انهن جي ئي رهندي. 17 بجيٽون اچي چڪيون آهن، معيشت ۾ ڪو مٽاءُ نه آيو، پر اها ئي حڪومت سڀ کان سٺي آهي، اها ئي رهندي.گذريل 17 سالن کان ڪو ڍنگ جو بلدياتي قانون نه ٺهي سگهيو، بلدياتي ادارن کي اختيار نه ملي سگهيا، پر حڪومت اها ئي رهندي. جنرل مشرف ڊپٽي ڪمشنر ختم ڪري اختيار ضلعي ڪائونسل ۽ ميئرز کي ڏنا هئا؛ وڏي وزير شهباز شريف ٻيهر ڊپٽي ڪمشنر بحال ڪري ڇڏيا، پر ان جو نظام جي خرابيءَ ۾ ڪو ڏوهه ناهي. وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا پنهنجو پنج سالن وارو مدو پوري ڪندي.شهباز حڪومت وفاق ۾ پنج بجيٽون ڏئي چڪي آهي، ڪيتريون ئي آئيني ترميمون ڪري چڪي آهي، بلدياتي چونڊن بابت ڪجهه ناهي ڪيو، پر هو سڀ کان بهترين وزيراعظم آهي، هو پورا پنج سال وزيراعظم رهندو. ڪابينا هڪ مضبوط ۽ متحد ٽيم جو نالو هوندي آهي؛ هتي وزير ڪابينا جي اندر نه پر کلي عام وڙهن ٿا ۽ هڪ ٻئي خلاف بيان ڏين ٿا، پر ڪابينا ۽ وزيراعظم اهي ئي سڀ کان بهترين آهن، اهي ئي هلندا.پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي، هن سال بمپر فصل ٿيو، پر ڇا ڪجي، ڪڻڪ مهانگين مٽن ۾ ڏيهه مان گھراڻي (امپورٽ ڪرڻي) پئجي وئي. سستن مٽن ۾ پنهنجن زميندارن کان خريد نه ڪري سگهيا، پر ان حڪومت جون پاليسيون شاندار آهن! ان تي چارج شيٽ ڪيئن ڏئي سگهجي ٿي؟ هر سال  وزيراعظم ۽ سندس ڪابينا کنڊ ٻاهر موڪلڻ (ايڪسپورٽ) جي اجازت ڏئي ڇڏيندا آهن، سال جي آخر ۾ کنڊ گھٽجي ويندي آهي ته مهانگي اگهه تي امپورٽ ڪئي ويندي آهي، پر هي ڪو اسڪينڊل ٿورو آهي! حڪومت جي ايمانداري ۽ عقل منديءَ تي شڪ ڪرڻ به گناهه آهي، ان ڪري حڪومت پنج سال پورا ڪندي.حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ ايس آءِ ايف سي  جهڙو طاقتور ون ونڊو ٺاهيو، پر اهو ايترو اثرائتو ثابت ڇو نه ٿي سگهيو؟ نظام خراب آهي، تباهه ٿي چڪو آهي، پر اسٽيبلشمينٽ۽ وزيراعظم نه صرف هڪ پيج تي آهن سڀ کان تڪراري امر سنڌ جي ورهاست تي ڳالهائڻ آهي. سنڌ ۾ حڪومت صدر زرداريءَ جي جماعت جي آهي پر هو بي خبر آهي.

You might also like