ڪراچي(رپورٽر)منارٽي رائٽس مارچ جي اڳواڻن پاران درالخوشنيد ۾ پريس ڪانفرنس پريس ڪانفرنس ۾ سماجي ڪارڪن شيما ڪرماني، پاسٽر غزالا شفيق، ڊاڪٽر سجل، انوارالدين چيو ته 12 آگسٽ اقليتي حقن جو ڏينهن آهي ۽ هن سال چوٿون ڀيرو منارٽي رائٽس مارچ منعقد ڪيو پيو وڃي. هڪ هفتي کان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ لاءِ وقت نه ڏنو ويو ، ان ڪري هتي پريس ڪانفرنس ڪرڻي پئي.شيما ڪرماني چيو ته آئين ۾ اقليتن جا حق ته موجود آهن، پر انهن تي عملي طور عملدرآمد نٿو ٿئي.
آگسٽ تي قائداعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ هر ماڻهو کي مذهبي آزادي حاصل هوندي ۽ مذهب جي معاملي ۾ رياست جو عمل دخل نه هوندو،هن چيو ته اهڙا ڪهڙا مسئلا آهن، جنهن سبب اقليتن کي برابر جو شهري تسليم نٿو ڪيو وڃي. اقليتي حقن جي ڏينهن تي اسان هر سال پنهنجي آواز بلند ڪندا آهيون. مختلف مذهبن سان تعلق رکندڙ ماڻهو مزار قائد جي سامهون گڏ ٿي پنهنجا مسئلا ۽ مطالبا پيش ڪندا. سجل علي چيو ته آئين ۽ تمام قانونن ۾ ترميم ڪري غير مسلم لفظ حذف ڪيو وڃي، آئين جي آرٽيڪل 41 ۽ 91 ۾ ترميم ڪري غير مسلم شهري ملڪ جي صدر ۽ وزيراعظم جي عهدن لاءِ اهل ٿي سگهن بلديه ۾ پيش آيل واقعو جڙانوالا واقعي سان مشابهت رکي ٿو. نعرا هڻندڙن کي ته خاموش ڪرايو ويو، پر متاثر خاندان سان ڇا ٿيو؟ پاسٽر غزالا شفيق چيو ته مزار قائد جي سامهون اقليتي حقن بابت 11 مطالبا پيش ڪيا ويندا. ملڪ ۾ اقليتي برادرين جا ڪيترائي تاريخي تعليمي ادارا ۽ اسپتال به زبون حالي جو شڪار آهن.