حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته هو 10 آگسٽ تي ڪراچي ايندو ۽ سڀني کي ٻڌائيندو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي، جڏهن ته سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪندڙ پرڏيهي ايجنٽ آهن.
سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ اياز لطيف پليجي چيو ته ”سنڌ جي وحدت، وسيلن ۽ پاڻي جي حقن لاءِ سندس جدوجهد جاري رهندي ۽ ڪنهن به دٻاءَ سبب پنهنجي موقف تان پوئتي نه هٽندو.“
واضح رهي ته سنڌ جي وحدت ۽ صوبن بابت بيانن جي معاملي تي اياز لطيف پليجي کي اين سي سي آءِ اي ڪراچي طرفان فوجداري ضابطن جي شق 160 تحت طلبي جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيس موجب، کيس 10 آگسٽ تي اين سي سي آءِ اي ڪراچي آفيس ۾ پيش ٿي جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ وڪيل اڳواڻن اياز لطيف پليجي خلاف ڪيس ۽ طلبي نوٽيس جي مذمت ڪئي آهي.
هوڏانهن سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اجلاس ۾ پڻ اياز لطيف پليجو ۽ جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو کي اين سي سي آءِ اي پاران طلب ڪرڻ جي مذمت ڪئي وئي.
اجلاس ۾ اڳواڻن چيو ته سنڌ جي وحدت، پاڻي ۽ وسيلن بابت آواز اٿارڻ ۽ سنڌ کي ورهائڻ جي مخالفت ڪرڻ کي رياست مخالف سرگرمي قرار ڏيڻ قبول ناهي.
”سنڌ ماءُ آهي، ورهاڱي جي سازش ڪندڙ پرڏيهي طاقتن جا ايجنٽ آهن“ اياز پليجي جو 10 آگسٽ تي ڪراچي اچڻ جو اعلان
You might also like