ايران- عمان معاهدو آخري مرحلي ۾ داخل، اِهو نه سمجهو ته آبناءِ هرمز ترت کُلي ويندو: عراقچي

تهران(ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته عمان سان ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاهدو آخري مرحلن ۾ آهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته آبناءِ هرمز ترت کلي ويندو.
عباس عراقچي موجب، آبناءِ هرمز مان گذرندڙ ٽريفڪ جي رستي، قانوني طريقيڪار ۽ انتظام بابت عمان سان ڳالهيون جاري آهن، جڏهن ته فني ۽ قانوني پيچيدگين سبب عارضي رستي تي اتفاق لاءِ ڪوششون ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته آبناءِ هرمز کولڻ ٻين شرطن سان مشروط آهي، جن ۾ آمريڪا طرفان ”اسلام آباد مفاهمتي ٺاه“ جي ڀڃڪڙين جو ازالو ۽ هرجاڻو ادا ڪرڻ پڻ شامل آهي.
ايراني پرڏيهي وزير چيو ته عارضي رستي تي اتفاق کانپوءِ ان کي مستقبل ۾ آبناءِ هرمز جي مرڪزي رستي جي بنياد طور استعمال ڪري سگهجي ٿو.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاسدارانِ انقلاب اعلان ڪيو هو ته آبناءِ هرمز تيستائين نه کوليو ويندو، جيستائين آمريڪا ايران جون سموريون شرطون قبول نه ڪندو.

You might also like