ماسٽرز هاڪي ورلڊ ڪپ: پاڪستان کي پهرين ميچ ۾ نيڌرلينڊز هٿان ڏهن گولن تان شڪست

پاڪستان (ويب ڊيسڪ) ماسٽرز هاڪي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ويٽرنز ٽيم کي پهرين ئي ميچ ۾ نيڌرلينڊز عبرتناڪ شڪست ڏئي ڇڏي.
سٺ سال کان وڏي عمر واري ڪيٽيگري جي ميچ ۾ نيڌرلينڊز پاڪستان کي 10-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اڳوڻن اولمپئنز تي ٻڌل پاڪستاني ٽيم ميچ دوران هڪ به گول نه ڪري سگهي.
پاڪستاني اسڪواڊ ۾ اولمپئن شهبار سينيئر، طارق شيخ، خالد حميد ۽ ٻيا اڳوڻا رانديگر شامل آهن.
گروپ ڊي ۾ پاڪستان سان گڏ نيڌرلينڊز، ويلز ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون شامل آهن.
پاڪستان ويٽرنز ٽيم پنهنجي ٻي ميچ 9 آگسٽ تي آئرلينڊ خلاف، جڏهن ته 11 آگسٽ تي ويلز خلاف کيڏندي.

 

You might also like