ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ۽ ڀارتي پارليامينٽ جي ميمبر ڪنگنا رناوت ڀارت جي جين زي کي ”گٽر جنريشن“ قرار ڏيڻ واري پنهنجي بيان تان يوٽرن وٺندي کين ملڪ جي سڀ کان وڏي طاقت ۽ قوم جو املهه اثاثو قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڪنگنا رناوت ڪجهه ڏينهن اڳ نئين دهلي جي جنتر منتر تي شاگردن جي احتجاج بابت سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي جين زي کي ”گٽر جنريشن“ چيو هو.
ڪنگنا جي ان بيان کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن سان گڏ بالي ووڊ جي مشهور شخصيتن پڻ کيس سخت تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
هاڻي اداڪارا پنهنجي ان بيان تان يوٽرن وٺندي جين زي کي ملڪ جي وڏي طاقت قرار ڏنو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ڳالهائيندي ڪنگنا رناوت چيو ته جين زي اسان جي ملڪ جي طاقت ۽ قوم جو عظيم اثاثو آهي.
هن چيو ته اها نهايت خوشي جوڳي ڳالهه آهي ته ڀارت جا نوجوان تيزيءَ سان ملڪ جي ثقافت ۽ سڃاڻپ جا سفير بڻجي اُڀريا آهن.
ڪنگنا وڌيڪ چيو ته کين موهن ڀاڳوت کي ٻڌڻ جو موقعو پڻ مليو، جنهن کي هوءَ انتهائي احترام جي نظر سان ڏسي ٿي.
هن وڌيڪ چيو ته اها خوشي جي ڳالهه آهي ته ملڪ جا نوجوان ساڻن جڙي رهيا آهن ۽ پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ کي اختيار ڪري رهيا آهن.