”اُبتي ڳڻپ “ وارا به سڌا ٿي ويندا، پيپلز پارٽي وفاق ۾ ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندي: رانا ثناءُ الله

باغ (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت صلاحڪار رانا ثناءُ الله چيو آهي ته پيپلز پارٽي وفاق ۾ ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندي.
آزاد ڪشمير جي علائقي باغ ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي رانا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان ڪشمير بنا اڻپورو آهي ۽ ڪشمير سان پاڪستان جو رشتو ڪا به طاقت ڪمزور نٿي ڪري سگهي.
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ مسلم ليگ (ن) کي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ 6 سيٽن جي ضرورت آهي ۽ ٻن ڏينهن کانپوءِ ٿيندڙ چونڊن ۾”چار شينهن“ چونڊجي اسيمبلي ۾ پهچندا.
رانا ثناءُ الله چيو ته عوام پاڪستان جو مالڪ آهي ۽ پاڪستان جو ڪهڙو حصو آهي جتي ڪشميري ڪم نه ڪري رهيا آهن؟ پاڪستان ۾ ڪشميرين کي سمورا حق حاصل آهن.
هن چيو ته ڪشمير ايڪشن ڪميٽي ۾ ڪيترائي ماڻهو سندن ڀائر ۽ محب وطن آهن، جڏهن ته ” اُبتي ڳڻپ“وارا پاڻ به سڌا ٿي ويندا ۽ سندن ڳڻپ به سڌي ٿي ويندي.
ان کان اڳ حويلي ۾ چونڊ جلسي کي خطاب کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي رانا ثناءُ الله چيو ته ايڪشن ڪميٽي جا ڪجهه ماڻهو ڪنهن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن.
هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ عوام جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.
مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جتان به هارائي ٿي، اتي ڌانڌلي جو الزام لڳائي ٿي، پيپلز پارٽي وفاق ۾ ساڳئي پگهار تي ڪم ڪندي.

You might also like