مير رضا ڪيس: پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد پاڻ کي بيوس قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مير رضا ڪيس ۾ پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد پاڻ کي بيوس قرار ڏيندي چيو آهي ته سچ ۽ انصاف جي ڳولا ۾ کيس بار بار رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هن ڀيري هوءَ ٿڪجي پئي آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ ڊاڪٽر سميعه سيد چيو ته ڪراچي ۾ ميڊيڪو ليگل سروسز ۽ پوليس سرجن جي حيثيت سان پنهنجي 4 سالن جي ذميواري دوران هن پاڻ کي ڪڏهن به ايترو بيوس محسوس ناهي ڪيو.
هن وڌيڪ چيو ته سچ ۽ انصاف جي ڳولا ۾ کيس اڪثر رنڊڪن کي منهن ڏيڻو پيو، پر هن ڀيري هوءَ واقعي ٿڪجي چڪي آهي، حد کان وڌيڪ ٿڪجي چڪي آهي.
واضح رهي ته پوليس سرجن ڊاڪٽر سميعه سيد مير رضا ڪيس ۾ ايس پي ايسٽ کي خط لکي ڊاڪٽر اسامه شيخ طرفان تيار ڪيل پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ سنگين خامين جي نشاندهي ڪئي هئي.

You might also like