هنگو ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 7 دهشتگرد مارجي ويا، ڪئپٽن شهيد

هنگو (ويب ڊيسڪ) هنگو ۾ سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ فتنه الخوارج جا 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج ڪئپٽن شهيد ٿي ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب، 7 آگسٽ تي ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي موجودگي بابت اطلاع تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز خارجين جي ٿاڪن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو، جنهن دوران 7 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مارجي ويلن وٽان هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو.
ترجمان موجب، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته آپريشن دوران ڪئپٽن حمزا پنهنجن جوانن جي قيادت ڪندي خارجين جو مسلسل پيڇو ڪري رهيو هو ۽ بهادري سان وڙهندي شهادت ماڻي.
ترجمان موجب، علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ اثرائتي دهشتگردي جي خاتمي واري مهم پوري رفتار سان جاري رهندي، بهادر جوانن جون قربانيون قوم جي تحفظ ۽ سلامتي جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.

You might also like