لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ليگز ۾ شرڪت لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيا آهن.
پي سي بي طرفان حسن نواز، حُنين شاهه، نسيم شاهه ۽ عثمان خان کي ڪيريبين پريميئر ليگ (سِ پِي ايل) لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.
ان کانسواءِ معاذ صداقت، صاحبزاده فرحان، سفيان مقيم ۽ شاداب خان کي به سي پي ايل کيڏڻ لاءِ اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن، ڪرڪيٽرن کي 19 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين پرڏيهي ليگز کيڏڻ جي اجازت هوندي.
اسپنر نعمان علي کي 27 سيپٽمبر تائين لنڪا شائر ڪائونٽي لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي 7 آگسٽ کان 20 سيپٽمبر تائين سي پي ايل لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.
مسٽري اسپنر عثمان طارق کي 8 آگسٽ کان 18 سيپٽمبر تائين سي پي ايل کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اساما مير کي 7 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين سي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.