سنڌ يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر جي ڪار ۾ پيور بلاڪ کڻڻ واري وڊيو وائرل، استاد الزام رد ڪري ڇڏيا

ڄامشورو (ويب ڊيسڪ)سنڌ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف فارميسي سان لاڳاپيل اسسٽنٽ پروفيسر مظھر ميمڻ جي نالي سان هڪ سي سي ٽي وي فوٽيج سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن بابت دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته هو پنهنجي نجي ڪار ۾ پيور بلاڪ کڻي وڃي رهيو آهي.
وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اسسٽنٽ پروفيسر مٿان تنقيد ۽ مختلف قسم جا تبصرا سامهون اچي رهيا آهن.
ٻئي پاسي اسسٽنٽ پروفيسر مظھر ميمڻ وائرل وڊيو ۽ ان سان لاڳاپيل الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته کيس معاملي بابت ڪا به ڄاڻ ناهي.
مظھر ميمڻ دعويٰ ڪئي ته وائرل ٿيل وڊيو اصل نه، پر اَي آءِ ذريعي تيار ڪئي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته وڊيو بابت سامهون ايندڙ الزامن سان سندس ڪو به واسطو ناهي.

 

You might also like