اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مڪي جي گڏيل دفاعي معاهدي کي ملڪي تاريخ جي اهم ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته معاهدي سان پاڪستان جون دفاعي صلاحيتون وڌيڪ مضبوط ٿينديون.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گڏيل دفاعي معاهدو هڪ تاريخي اڳڀرائي آهي، جيڪو سعودي عرب، پاڪستان ۽ ترڪيه جي محفوظ مستقبل جي ضمانت آهي.
هن چيو ته دفاعي معاهدو خطي ۽ عالمي امن لاءِ پڻ هڪ تاريخي دستاويز آهي.
بلاول ڀٽو زرداري معاهدي کي ممڪن بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي ساراهيندي چيو ته ٽنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل اهو معاهدو دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط ڪندو.
You might also like