پيٽرول مهانگو ڪرڻ خلاف جماعت اسلامي جا سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا

ڪراچي/لاهور/اسلام آباد (رپورٽر/نمائندا) پيٽروليم ليوي خلاف جماعت اسلامي جي سڏ تي ملڪ گير احتجاجي ڌرڻن جو سلسلو شروع ٿي ويو، ڪارڪنن مختلف شهرن ۾ اهم شاهراهن تي ڌرڻا هڻي روڊ بند ڪري ڇڏيا. جماعت اسلامي جي ترجمان موجب، امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي سڄي ملڪ ۾ 510 روڊن کي بند ڪيو ويندو، جڏهن ته وڏين شاهراهن کي بند ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. جماعت اسلامي ڪراچي جي ترجمان موجب، ڪارڪنن شهر جي مصروف شاهراهن اورنگي ۽ حب ريور روڊ کي بند ڪري ڇڏيو. شاهراهه فيصل تي به ڌرڻو هنيو ويو.   جماعت اسلامي پاران پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ملڪ گير احتجاج ڪيو ويو، مختلف شهرن ۾ مظاهرا ڪيا ويا.اسلام آباد ۾ چونگي نمبر 26 تي روڊ کولڻ جي معاملي تي پوليس ۽ جماعت اسلامي جي ڪارڪنن ۾ چڪريون ٿيون. جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ چيو ته پوليس کي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي تنگ ڪرڻ بدران پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي. راولپنڊي، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به احتجاج ڪيا ويا. گوجرانوالا، ڊيرا غازي خان، سرگوڌا، ٺٽو، مٽياري، شڪارپور، خيرپور، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊي الله يار، ايبٽ آباد، مالاڪنڊ ۽ ٻين شهرن ۾ به احتجاج ڪيا ويا. ٽريفڪ جام سبب ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. لاهور ۾ ٿيندڙ احتجاج کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته نظام پنهنجي ناڪامي جو اعتراف ڪري ورتو آهي. حافظ نعيم چيو ته 9 تاريخ تي توهان کي تخت لاهور ڏانهن مارچ ڪرڻو آهي، اسان سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪنداسين ۽ ڌرڻو هڻنداسين، ٻين صوبن ۾ گورنر هائوس جي سامهون تاريخي ڌرڻا شروع ٿيندا. حافظ نعيم چيو ته انهن پيٽرول جي قيمت وڌائي ۽ ٽيڪس به وڌايو. جڏهن قيمتون گهٽ ٿيون ته انهن قيمتون گهٽ نه ڪيون. انهن هاڻي تائين 8 هزار ارب رپين جي ليوي گڏ ڪئي آهي. انهن پنهنجي نااهلي ۽ ڪرپشن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جماعت اسلامي جي امير مطالبو ڪيو ته پيٽرول جي قيمت 225 رپين تائين گهٽائي وڃي، هن ليويز ختم ڪرڻ ۽ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي جو به مطالبو ڪيو.

You might also like